اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ اسان پنهنجي ذميواريون ڀرپور طريقي سان نڀائيندا آهيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن کي به دعوت ڏني وئي هئي. ترجمان چيو ته ملڪ ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندرني معاملو آهي، پاڪستان پنهنجي آئيني فرض سنجيدگيءَ سان ادا ڪيو ۽ اسان پنهنجون آئيني ذميواريون ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن هن چيو ته پاڪستاني شهرين کي ملڪ جي سياسي عمل تي ڳالهائڻ جو حق حاصل آهي ان تي اسان تبصرو نه ڪنداسين. زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت پرڏيهي مبصرن جا ڪيترائي بيان حقيقت تي ٻڌل نه آهن، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جتي عوام کي اظهار راءِ جي آزادي آهي.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي نئين حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ بابت سوال تي زهره بلوچ چيو ته اهو معاملو اڃا وقت کان اڳ آهي، ان بابت فيصلو نئين ايندڙ حڪومت ڪندي