اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ واهپيدارن لاءِ گيس وڌيڪ مهانگي ٿي وئي.
آئل ايند گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب گھريلو واهپيدارن لاءِ گيس 66.66 سيڪڙو تائين مهانگو ڪيو ويو، پروٽيڪٽڊ گھريلو واهپيدارن لاءِ ماهوار 25 ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي 79 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي.
اوگران نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو اهي ته پروٽيڪٽڊ واهپيدار ماهوار 50ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي 100 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جڏهن ته ماهوار 60 ۽ 90 ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي به 100 روپيا في ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ ماهوار 25 ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي 200 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جڏهن ته نان پروٽيڪٽڊ لاءِ ماهوار 150 ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي 250 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ٿيو آهي، 200 ڪيوبڪ ميٽر استعمال تي 350 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪمرشل واهپيدارن لاءِ گيس جي قيمت 3900 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار آهي.
اوگرام نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو اهي ته بجلي جي ڪارخانن لاءِ گيس جي قيمت 1050 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار رکي وئي آهي.
You might also like