پير جو ڳوٺ ويجهو ڳوٺ غلام علي شاهه ۾ 9 ٻارن جي ماءُ بيواهه ياسمين سولنگي جا ٽي ٻارڙا پراسرار بيماري سبب معذور بڻجي ويا آهن، انهن ٻارڙن ۾ 14 ورهين
جي سويرا، 12 ورهين جو مدثر جڏهن ته 8 ورهين جي سونهن دل جي سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا آهن.
سندن پيءُ 7 سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي ۽ ٻارڙن جي ماءُ ئي پورهيو ڪري سندن پيٽ پالي رهي آهي، ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت جي حوالي سان هي ڪٽنب هر ڏينهن ڏکيائيون ڏسي رهيو آهي.
بيواهه ياسمين سولنگي لڙڪ لاڙيندي عوامي آواز کي ٻڌايو ته هو پنڊيون ۽ تڏا ٺاهي گذر سفر ڪندا آهن پر مهانگائي سبب سندن پورائو ناهي جنهن سبب هو راتيون بکن ۾ گذارڻ تي مجبور آهن.
سندن چوڻ هو ته هن وقت تائين سندن ڪنهن به مدد ناهي ڪئي.