نامياري ليکڪا ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جو لاڏاڻو

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناليواري ليکڪا، تجزيئي نگار، افسانا نگار ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ڊگهو وقت بيمار رهڻ بعد 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڄامشوري ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

مرحومه جي جنازي نماز سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد کيس ورڪشاپ ويجهو قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي لغاري، مرحومه جي پٽ انجنيئر ارشد علي ڀٽو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو هڪ دور جو نالو آهي جنهن سنڌ يونيورسٽي مان مسلم هسٽري ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد سڄي عمر ان شعبي ۾ بهتر نموني خدمتون انجام ڏيندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.