لاهور(م ڊ)ن ليگ جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان پارٽي جي صدر شهباز شريف ملاقات ڪئي، پارٽي ذريعن مطابق شهباز شريف مختلف اتحادين سان ملاقات بابت نوازشريف کي بريفنگ ڏني، ملاقات دوران امڪاني وفاقي ڪابينا لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي جوڙ جڪ کان پوءِ 25 رڪني ڪابينا ٺاهڻ جو امڪان آهي، ايم ڪيو ايم کي 3 کان 5 وفاقي وزارتون ڏيڻ تي معاملا غور هيٺ آهن، ايم ڪيو ايم پاران خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، سيد مصطفيٰ ڪمال، سيد امين الحق ۽ خواجه اظهار الحسن جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن پاران 15 سينيئر ليگي اڳواڻن جا نالا وفاقي وزيرن لاءِ غور هيٺ آهن، ليگي اڳواڻن ۾ اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، خواجا آصف، احسن اقبال، مريم اونگزيب جا نالا وفاقي ڪابينا ۾ غور هيٺ آهن، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ عطالله تارڙ، شزا خواجه کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.