اسلام آباد (م ڊ)پيپلزپارٽي جو آئيني عهدن لاءِ مسلم ليگ ن سان ڊيل نه ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق پيپلزپارٽي صدر، چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبليجي اسپيڪر لاءِ پنهنجا اميدوار آڻيندي، پ پ ذريعن مطابق پيپلزپارٽي ٽئي عهدا پاڻ وٽ رکڻ گهري ٿي، جڏهن ته ن ليگ جي پنهنجي پاليسي آهي ته اميدوار بيهاري يا نه بيهاري، بلاول هائوس ۾ملاقات ۾ ن ليگ وزيراعظم جي سپورٽ ڪرڻ تي ٻئي عهدا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته ان ملاقات ۾ صدر جي عهدي جي ڪائي ڳالهه نه ٿي هئي.