بلوچستان ۾ ماڻهن کانپوءِ مينڊيٽ به گم ڪيو ويو!

تحرير: عزيز سنگور

بلوچستان سميت سڄي ملڪ گم ٿيل ماڻھن بعد عوامي ميڊيٽ بھ گم ڪيو ويو آھي.نتيجا رات پيٽ ۾ تبديل ڪري نامعلوم ماڻھن غيرسياسي ماڻھن کي چونڊرايو، جنھن سان ملڪ ۾ اڻ چونڊيل ماڻھن تي ٻڌل غيرمستحڪم حڪومتون بڻجنديون، ان سان ملڪ ۾ اڳي ئي جاري سياسي ۽ معاشي بحران ۾ ويتر اضافو ٿيندو.مھانگائي جو طوفان ايندو ۽ غريب ماڻھن جي خريد ڪرڻ جي سگھه ختم ٿي ويندي. چونڊن ۾ ڌانڌلي سان عوام جي اعتماد کي ڌڪ لڳو آھي،ھاڻي پارلياماني سياست مان عوام جو اعتماد مڪمل طور تي کڄي ويندو،وڏين سياسي جماعتن جي راوئتي قيادت پنھنجي مقبوليت وڃائي چڪي آھي، چونڊن سان اھا ڳالھھ چٽي ٿي وئي تھ ھاڻي صنعتڪار ۽ فيوڊل ڪلاس جي جاءِ مڊل ڪلاس ليڊر شپ ورتي آھي.

اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ انھن جو ميڊيٽ چورايو ويو آھي پر عوام ۾ ھڪ انقلابي سوچ بيدار ٿي وئي آھي.ان سوچ کي ڪو بھ نٿو چورائي سگھي،ھاڻي اھا سوچ بندوق جي زور تي جڙندڙ حڪومت کي ٻوڙي ڇڏيندي،بلوچستان جو عوام اڳ ۾ ئي پارلياماني سياست مان بيزاري جو اظھار ڪري چڪو آھي،جنھن ڪري ھاڻوڪين چونڊن ۾ ٽرم آئوٽ ٽي کان چار سيڪڙو رھيو.

بھرحال جيترا بھ ووٽ ڪاسٽ ٿيا انھن کي بھ تبديل ڪيو ويو،جنھن ڪري بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج جاري آھي،لورالائي ۾ ڪوئيٽا چمن شاھرھ، ڊي جي خان روڊ،ڪوئيٽا سبي مڇ،ڪولپور،تربت روڊ،پسني زيروپوائنٽ جي ھنڌ،شاھراھ بند ڪيا ويا آھن،جڏھن تھ ڪوئيٽا ۾ اڀرندو ھاءِ وي،اولھندو ھاءِ وي،امداد چوڪ،اسپيني رود،وري روڊ تي مختلف جماعتن پاران ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. تڪ اين اي 259 جي نتيجن ۾ تبديلي ۽ پيپلزپارٽي جي گوادر ڪم ڪيچ  مان اميدوار ملڪ شاھ گورگيج جي ڪاميابي خلاف حق دو تحريڪ ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويا.گوادر حق دور تحريڪ ميرين ڊرائيو تي ڌرڻو ڏنو،اھتجاج ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.مظاھرو ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ حق دو تحريڪ جي اين اي 259 جي نامزد اميدوار ڪامريڊ حسين واڊيلھ ايم اين اي جي سيٽ کٽي چڪو ھو.ان پولنگ اسٽيشنن تي عوام جي رش رھي ۽ عوام حق دو تحريڪ جي اميدوار کي ڪاميابي بخشي ھئي پر ماھر چورن انھن پولنگ اسٽيشنن تي ھزارين جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ھئا.جنھن ڪري ھن جي سوڀ ھار ۾ تبديل ٿي وئي.

ٻئي پاسي ضلعي ڪيچ جي ٽن چونڊ تڪن سميت قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن ۾ ٿيل ڌانڌلي ۽ نتيجن تبديل ڪرڻ خلاف نيشنل پارٽي جي ڪال تي تربت ۾ ريلي ڪڊي وئي ۽ آر او آفيس ٻاھران ڌرڻو ڏنو ويو.احتجاج جي قيادت نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ڪئي.

احتجاج دوران نشنل پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ پي بي 25 ڪيچ ون جي اميدوارن جان بليدي جو چوڻ ھو تھ ھڪ عسڪري اداري جي آفيسر سازباز ڪري مافيا سان ملي ڪري عوامي راءِ تي ڌاڙو ھنيو آھي.ھن جو چوڻ ھو تھ انھي آفيسر کيس رات جو فون ڪري قتل ڪرڻ جي ڌمڪي بھ ڏني آھي.پر نيشنل پارٽي ڪنھن دٻاءَ ۾ نھ ايندي.نشنل پارٽي ۽ حق دو تحريڪ ،پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوار ملڪ شاھ گورگيج جي سوڀ کي فريب قرار ڏيندي ان کي مينڊيٽ تي ڌاڙو قرار ڏنو.ملڪ شاھ کي زور کٽرايو ويو ۽ اھو بھ الزام ھنيو تھ ملڪ شاھ جي شھريت بھ نامعلوم آھي.ھن جو تعلق افغانستان جي صوبي نمروز سان آھي.ھن کي زبردستي آڻي مڪران جي عوام مٿان ٿاڦيو ويو آھي.ڪجھھ حلقن جو چوڻ آھي تھ ان جو تعلق ضلعي چاغي سان آھي.

ملڪ شاھ بابت اھو بھ چيو پيو وڃي تھ بلوچستان مان نھ رڳو ملڪ شاھ گورگيج کي مڪران مان بلڪھ سندس پٽ عبيد گورگيج کي ڪوئيٽيا جي تڪ پي بي 44 مان جڏھن تھ سندس ناٺي  صمد گورگيج کي تڪ پي بي 40 تان ڌانڌلي ڪري کٽرايو ويو آھي.اھي ٽئي پيپلزپارٽي جا اميدوار آھن، اھو سوال بھ ڪيو پيو وڃي تھ پيءَ،پٽ ۽ ناٺي جي لاءِ ايترا ووٽ ڪٿان آيا،ان حوالي سان نھ رڳو بلوچستان پر سڄي دنيا پريشان آھي.ائين لڳي ٿو تھ پولنگ اسٽيشنز ۾ نامعلوم باڪسز آندا ويا ھئا.اھا سموري مھرباني نامعلوم ماڻھن جي آھي.جيڪي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آھي.انھن ماڻھن وٽ جادو جي ڇڙي آھي، اھا جنھن کي ٿپڪي ڏين تھ انھن جي لاٽري کلي ويندي آھي.اھو ئي سڀ ڪجھ ملڪ شاھ گورگيج جي فيملي سان ٿيو آھي، جو انھن جي ھار کي سوڀ ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.

بلوچستان جي گرينڊ الائنس جي اڳواڻ لشڪري رئيساڻي چيو آھي تھ ڪوئيٽا مان صوبائي تڪ 44 مان چونڊيل قرار ڏنل اميدوار عبيد گورگيج غيرملڪي شھريت رکي ٿو.اھو پاڪستان شھري نھ آھي،ھن جو تعلق افغانستان جي صوبي نمروز سان آھي.

ڌانڌليءَ رياست کي ھڪ سوڙھي گھٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي.پي بي 12 مان صوبائي اميدوار سردار يار محمد رند چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏيندي چيو تھ پھرين تھ ھڪ ماھ رنگ بلوچ اسلام آباد وئي ھئي ھاڻي بلوچستان جي ھر گھر ۾ ماھ رنگ پئدا ٿيندي.اليڪشن ۾ عوام اسان کي ڳرو مينڊيٽ ڏنو پر رياستي ادارن اسان جو ميڊيٽ چوري ڪيو آھي.ھتي ذڪر جوڳي ڳالھھ ھي آھي تھ بلوچستان جو بااثر سردار بھ بلوچ عورتن جي طاقت کي تسليم ڪري رھيو آھي.اھا ترقي پسند تحريڪ جي وڏي ڪاميابي آھي.

ياد رھي تھ اڄ کان ڪجهھ سال اڳ اھو ئي سردار يار محمد رند جڏھن بلوچستان جو صوبائي وزير ھو تھ ان دوران ماھ رنگ بلوچ سميت ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين تي تشدد ٿيو ھو جنھن تي سردار يار محمد رند چيو ھو تھ عورتن کي احتجاج ڪرڻ بدران گھرن ۾ رھڻ گھرجي.عورتون  ڇو احتجاج ڪن ٿيون ؟ پر اڄ اھو ئي سردار بلوچ عورتن تي فخر ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ انھن عورتن جي بھادري جو مثال ڏئي ٿو.آخر ڪار گوادر مان حق دور تحريڪ جو باني مولانا ھدايت الرحمان بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو آھي.مولانا صاحب ھڪ غريب ماھيگير جو پٽ آھي.ھن مڪران جي ڊرگ مافيا،ٽرالر مافيا ۽ ليڊ مافيا سان مقابلو ڪيو. اميد آھي تھ ھو بلوچستان  اسيمبلي ۾ بلوچستان جي ساحلي وسيلن ۽ بلوچ قوم جي حڪمراني ۽ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ سگھارو آواز اٿاريندو.ملڪ ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪيل ڌاندڌلين جو مثال ڪٿي بھ نٿو ملي.

جڏھن چونڊ نتيجا اچي رھيا ھئا تھ اليڪشن ڪيمشن پاڻ بھ چونڊ نتيجن جو انتظار ڪري رھيو ھو،تھ جيئن اھا ڪاميابي جو نوٽيفڪشن جاري ڪري سگھي.پر ملڪ جي اصل قوتن جي من ۾ ڪجهھ ٻيو ھو.تنھنڪري ڪٿي سوڀ ھار ۾ بدلائي وئي تھ ڪٿي ھار سوڀ ۾ تبديل ڪئي وئي.اھڙن نتيجن کانپوءِ عوام سوال ڪري ٿو تھ جيڪڏھن سرڪار کي سيلڪشن ئي ڪرائڻي ھئي تھ پوءِ چونڊن جو ڊرامو ڇو رچايو ويو ؟

 

بلوچستان سميت سڄي ملڪ گم ٿيل ماڻھن بعد عوامي ميڊيٽ بھ گم ڪيو ويو آھي، جڏھن چونڊ نتيجا اچي رھيا ھئا تھ اليڪشن ڪيمشن پاڻ بھ چونڊ نتيجن جو انتظار ڪري رھيو ھو،تھ جيئن اھا ڪاميابي جو نوٽيفڪشن جاري ڪري سگھي.پر ملڪ جي اصل قوتن جي من ۾ ڪجهھ ٻيو ھو.تنھنڪري ڪٿي سوڀ ھار ۾ بدلائي وئي تھ ڪٿي ھار سوڀ ۾ تبديل ڪئي وئي.اھڙن نتيجن کانپوءِ عوام سوال ڪري ٿو تھ جيڪڏھن سرڪار کي سيلڪشن ئي ڪرائڻي ھئي تھ پوءِ چونڊن جو ڊرامو ڇو رچايو ويو ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.