پ پ پاران صدر، چيئرمين سينيٽ،قومي اسيمبلي اسپيڪر لاءِ اميدوار بيهارڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين. وفاقي ڪابينا ۾ وزارت نه وٺنداسين. ملڪ ٻري رهيو آهي، پاڪستان کي بحرانن  مان ڪڍڻو آهي، اسان وري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي رهيا آهيون، اسان صدر قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ چيئرمين سينٽ لاءِ اميدوار بيهارينداسين، اڱاري تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽرل ايگيزيڪٽو اجلاس کان   پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  پيپلزپارٽي پاڪستان کي  بحران مان ڪڍڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آِه، اسان اڄ به پاڪستان کپي جو نعرو هڻون ٿا، بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان جو اصولي فيصلو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين،  مستحڪم بڻائينداسين. پ  پ چيئرميبن چيوته پاڪستان پيپلزپارٽي وٽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل مينڊيٽ نه هو، ان لاءِ مان وزيراعظم جو اميدوار ناهيان،  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو آيه ته هوءِ پيپلزپارٽي سان ڳالهه نه ڪندي، ن ليگ اسان کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ دعوت ڏني هئي،  وزارت عضميٰ لاءِ مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏينداسين، پر ن ليگ جي حڪومت جي ڪابينا ۾ شامل نه ٿينداسين، هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ سياسي ڏڇو، بحران نٿي چاهي، پاڻ کي وزيراعظم جي ڊور ۾ شامل نٿو ڪريان، اسان کي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام به نظر اچي رهيو اهي، عوام  اليڪشن ۾ حصو ورتو، عوام هاڻي وڌيڪ سياسي عدم استحڪام نٿو چاهي،   پ پ چيئرمين چيو ته سي اي سي ميمبرن ن ليگ جي حوالي سان ڪافي  اعتراض ظاهر ڪيا، چونڊن جي نتيجن کي احتجاج سان قبول ڪنداسين، سي اي سي ۾ ماڻهن ٻڌايو ته 18 مهينن ۾ اسان جا ڪم ناهن ٿيا، سي اي سي اليڪشن بابت شڪايتون گڏ ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو اصولي فيصلو آهي ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي، حڪومت ٺاهڻ جي عمل ۽ سياسي استحڪام لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي آهي، هيءَ ڪاميٽي مڙني سياسي پارتين سان رابطا ڪندي، اسان اها ڪوشش ڪنداسين ته  پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍون هن چيو ته سڀني جو خيال هو ته واضح مينڊيٽ ايندو پر نه آيو، نه پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار کي واضح مينڊيٽ مليو، نه مسلم ليگ ن  کي نه ئي پ پ کي  اڪثريت ملي، اسان 18 مهينا ن ليگ حڪومت جو حصو رهياسين،  جنهن ۾ پارٽي کي شڪايتون هنيون، ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پ پ حڪومت ٺاهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ٻري رهيو آهي، وسائڻ جي صلاحيت رڳو آصف زرداري وٽ آهي، منهنجي خواهش آهي ته آصف زرداري ملڪ جو صدر بڻجي، آصف زرداري صدارت لاءِ پيپلزپارٽي جو اميدوار هوندو. سياسي پارٽين کي ملڪ مان نفرت واري سياست ختم ڪرڻ گهرجي، ن ليگ جو وزيراعظم بڻيو ته ان کي پراڻي سياست ئي ڪرڻي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي  پي ڊي ايم ٽو جهڙي حڪومت جو حصو نه بڻجندي، آئيني عهدن تي پ پ جو حق آهي، حڪومتي عهدن تي اسان جو حق آهي ته اسان پنهنجا اميدوار بيهاريون، پ پ چيئرمين چيو ته هڪ سياسي فورس ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، ٻئي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، پي ٽي آءِ کي عوام  ڪنهن جي لاءِ ووٽ ڏنا آهن، هن چيو ته  پ پ حڪومت ۾ وزارتون نه وٺندي، زرداري پ پ اعتراض جي باوجود پاڪستان کپي جو نعرو هڻي باهه اجائڻ جي ڪوشش ڪندو. سمورن اعتراضن جي باوجود قوم جي مفاد ۾ چونڊن جا نتيجا تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بلاول ڀٽو چيوته اسان انهن اشوز بابت لاڳاپيل فورم تي معاملا اٿارينداسين، پ پ يقيني بڻائيندي ته حڪومت ٺاهڻ جو عمل مڪمل ٿئي، اسان عوام کي يقين ڏياريون ته پارليامينٽ ۾ عوام جا مسئلا حل ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.