اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف عام چنڊن تي سوال اٿاري ڇڏيا، ذريعن موجب سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ڌيان ڇڪايو نوٽيس سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ 4 سوال اٿاري ڇڏيا، ڪامران مرتضي سوال اٿاريو ته اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت ۽ ٻين ادارن اليڪشن ڪيئن ڪرائي، ڌيان ڇڪايل نوٽيس ۾ سوال ڪيو ويو ته اليڪشن جا نتيجا ڇا عوامي اميدن مطابق نڪتا، اليڪشن نتيجا ڪيترن سياسي پارٽين قبول ڪيا، اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ هن وقت ملڪ ۾ ڇا صورتحال آهي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سينيٽ ۾ هن مسئلي تي بحث ڪرائڻ جي گهر به ڪئي آهي.