علي امين گنڊاپور کي 26 ڪيسن ۾ ضمانتون ملي ويون

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) علي امين گنڊاپور پشاور هاءِ ڪورٽ  ڊيره بينچ ۾ پيش ٿيو، 26 ڪيسن ۾ علي امين گنڊاپور کي ضمانتون ملي ويون، علي امين گنڊاپور جي وڪيل ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور جي خلاف  12 ڪيس راولپنڊي ۾ هئا، ان کي 9 مارچ تائين ضمانتون مليون آهن، هڪ واهه ڪينٽ ۽ هڪ ٽيڪسلا  ۾ ڪيس آهي، جنهن ۾ 11 مارچ تائين ضمانت ملي آهي، هڪ ايف آءِ آر گجرانوالا جي هئي، ان ۾ 18 مارچ جي ضمانت ملي آهي، 4 ايف آءِ آر فيصل آباد جون هيون ان ۾ 16 مارچ تائين ضمانتون مليون آهن،  هن ٻڌايو ته 2 ايف آءِ  آر لاهور جون هيون، جنهن ۾ 15 مارچ تائين ضمانت ملي آهي، 6 ايف آءِ آر اينٽي ڪرپشن جون هيون ان ۾ اسان کي پهرين مارچ تائين ضماتن ملي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪيسن جو پڇاڻو ڪيو آهي.

مرتضيٰ سولنگي ريڊيو  جي  عالمي ڏينهن تي انگريزي ٻولي ۾ خبرنامو پڙهيو

اسلام آباد (م ڊ)  نگران سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو جي عالمي ڏينهن تي ريڊيو پاڪستان ۾ انگريزي زبان ۾ خبر نامو پڙهيو وفاقي وزير اڱاري تي  منجهند 1 وڳي انگريزي خبر نامو پڙهي هڪ نئين  تاريخ لکي، وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان تي خبرنامو پڙهي هڪ اهم پيغام ڏنو ته حڪومت ريڊيو کي هڪ اهم ميڊيا جي ذريعي طور تي ڏسي ٿي، نگران وزير جو هڪ قدم ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو ته حڪومت ريڊيو نشريات کي هٿي ڏيڻ لاءِ  پرعزم آهي، ريڊيو پاڪستان جو ملڪ کان سڀ کان پراڻو ۽ سڀ کان وڏو نشرياتي ادارو آهي، جنهن جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ وڏي انگ ۾ سامعين آهن، وفاقي وزير جو هي قدم ريڊيو پاڪستان کي هڪ قومي نشرياتي اداري کي مضبوط ۽ پاڪستان ۾ ڊجيٽل ريڊيو نشر ۽ اشاعت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو، وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي پوڊ ڪاسٽ پرگرام ۾ به شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، مرتضيٰ سولنگي چيوته حڪومت ريڊيوپاڪستان کي مضبوط ڪرڻ  ان کي رابطي جو هڪ وڌيڪ موثر ۽ متحرڪ ذريعو بڻائڻ لاءِ  پرعزم آهي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڊجيٽل ريڊيو نشريات کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان قومي نشرياتي ادارو آهي، جنهن جي ڊگهي ۽ ڀرپور تاريخ آهي.

بلاول ڪهڙي منهن سان ن ليگ سان اتحاد ڪندو: شاهه محمود قريشي

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول ڪهڙي منهن سان مسلم ليگ ن سان اتحاد ڪندو. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهه محمود  قريشي چيو ته پي ٽي آءِ کي ٽوڙي جيڪي پارٽيون ٺاهيون ويون، انهن لاءِ شرمندگي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي کٽيل اليڪشن اهي قبول نه ڪري رهيا آهن، کين گذارش آهي ته عوام جي مينڊيٽ کي چوري نه ڪن، اليڪشن کٽيندڙ به هي اليڪشن قبول نه ڪري رهيا آهن، اليڪشن ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آئين سان ٽڪراءُ ڪيو ويو، چيف جسٽس کي جاچ ڪرڻ گهرجي، انهن چونڊن سان سياسي استحڪام نٿو اچي سگهي. هن چيو ته کيس اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي، هن چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ناهي ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون جن جو مينڊيٽ چوري ٿيو آهي اهي گڏ ٿين، منهنجي ڌيءَ 14 هزارن جي ليڊ سان کٽي رهي هئي، نتيجا هڪدم اچڻ بند ٿي ويا. هن چيو ته لولي لنگڙي حڪومت ٺاهي به وئي ته هلي نه سگهندي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي اليڪشن ڪميشن وڃي رهيا آهيون، انهن چونڊن جي ساک ٻڙي آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته عالمي ميڊيا پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ڌانڌلي چئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.