گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري چونڊيل حڪومت تائين روڪيو: سنڌ جو وفاق کي خط

ڪراچي ( رپورٽ ذوالفقار راڄپر ) ملڪ جي عام چونڊن کان اڳ سنڌ جي پاڻي جي چوري لاءِ جوڙيل گريٽر ٿل ڪئنال منصوبي کي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جي خلاف ايڪنڪ ۾ سنڌ جي ميمبر ۽ نگران صوبائي  وزير روينيو، صنعت ۽ واپار جي صوبائي وزير يونس ڍاڳا سنڌ حڪومت ايڪنڪ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جي ايجنڊا جي بنا منظوري تي احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت جي موقف واريو هڪ خط لکي تڪراري فيصلي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي گذارش آهي ته ايڪنڪ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي ۾سنڌ حڪومت جو گريٽر ٿل ڪئنال تڪراري منصوبي کي غير آئيني ۽ غير قانوني رکڻ خلاف اختيار ڪيل موقف به شامل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ڪجي ٿي ته سنڌ کي گريٽر ٿل ڪينال تي سخت اعتراض آهن ۽ ان جو فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايڪنڪ ۾ سنڌ جي ميمبر ۽ نگران صوبائي وزير يونس ڍاڳا، ايڪنڪ جي چيئرپرسن ۽ خزاني جي وفاقي وزير شمشاد اختر کي هڪ خط لکي چيو آهي ته 7 فيبروري واري ايڪنڪ جي اجلاس ۾ هڪ ايجنڊا مقرر هئي، پر اوچتو وفاقي وزير پاور ڊويزن ۽ چيئرمين واپڊا کي هدايت ڪئي ته هو واٽر سيڪٽر اسٽريٽجڪ منصوبي ۾ تي بريفنگ ڏئي، جنهن ۾ گريٽر ٿل ڪئنال کي به شامل ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ کي ان منصوبي تي سخت ترين اعتراض آهن.جڏهن ته ارسا پاڻي جي شديد کوٽ ڪري ان منصوبي جي تعمير جي اجازت نه ڏني هئي. سنڌ حڪومت ان تڪراري سنڌ دشمن منصوبي  جي خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل  ( ايڪنڪ ) ۾ شڪايت درج ڪرائي ڇڏي آهي. ان هوندي به ايڪنڪ جي گذريل اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال منصوبي جي منظوري ناانصافي آهي، جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي ان اجلاس ۾ ايڪنڪ ۾ سنڌ جي نمائندي جي حيشيت ۾ مان احتجاج ڪيو هو ته واٽر سيڪٽر اسٽريٽجڪ پلان ايڪنڪ اجلاس جي ايجنڊا جو حصو نه هو ته پوءِ ان تي غور ڇو ڪيو ويو ۽ ايڪنڪ جي طرفان ان تڪراري مسئلي جو ڪوبه دستاويز سنڌ حڪومت کي فراهم نه ڪيو ويو هو، چئن صوبن جي گڏيل صلاح کان بغير ان تي غور ڪيو ويو، جنهن کي اسان رد ڪيون ٿا ۽ اهو مسئلو ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شمشاد اختر چيئرمين واپڊا گريٽر ٿل ڪينال جي منظوري لاءِ چيو جنهن ۾ هن ايڪنڪ ۾ هن سنڌ جي نمائندي جي حيثيت سان چيو ته اهو منصوبو تڪراري، غير عملي ۽ لاڳاپيل ادارن کان منظور نه ٿيڻ جي باوجود معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ التوا ۾ آهي. سنڌ هن منصوبي خلاف شڪايت داخل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.