ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاڪستاني شهري پاران افغاني گهرواري کي شهريت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ،عدالت اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري ورتوآهي .عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . چيف جسٽس جو ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته پريشان ڇو ڪري رهيا آهن، ڇا مذاق آهي، عدالت وفاقي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن قانون آهي ته عورت کي شهريت ڇو نه ڏئي رهيا آهن. درخواستگذار جي وڪيل ذوالفقار قريشي چيو ته افغان عورت پاڪستاني شهري سان شادي ڪئي آهي. وڪيل درخواستگذار وڌيڪ چيو ته عورت نازيه پاڪستان ۾ افغان ڪيمپ ۾ پيدا ٿي، عدالت اميگريشن پاسپورٽ جي ڊائريڪٽر کي حڪم ڏنو هو ته درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي. پر عدالت جي حڪمن تي به عمل نه ڪيو ويو آهي، درخواستگذارمير حسن پنهنجي موقف ۾ چيو مان پاڪستاني شهري مير حسن ۽ افغان عورت نازيه سان شادي 2015 ۾ ڪئي . 4 ٻار ٿي ويا آهن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا نه ملي رهي آهي.گهرواري جو سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ سبب ڪيترائي مسئلا ٿي رهيا آهن.
رت جي آخري ڦڙي تائين عمران خان سان گڏ آهيون: علامه ناصر عباس
ڪراچي (م ڊ) مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه علامه ناصر عباس چيو آهي ته اسان رت جي آخري قطري تائين پي ٽي آءِ باني عمران خان سان گڏ آهيون.خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي علامه ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي بيان تي قائم آهيون، ساڻس انڊرسٽينڊنگ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ استحڪام چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ قيادت کان اسان جو ڪو به مطالبو ناهي. ايم ڊبليو ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، اصولي طور تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان گڏ آهيون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پاڻ پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائڻ جو قانون ٺاهيو. علامه ناصر عباس چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات ۾ چيو ته هو رت جي آخري ڦڙي تائين اصولي طور اوهان سان گڏ آهن. هن چيو ته فارم 47 ۾ بي ايماني ڪئي وئي، ڪنهن به سياسي پارٽي کان چونڊ نشان نه ورتو وڃي.
ڪي پي اسيمبليءَ ۾ جماعت اسلامي وڌيڪ ٻه سيٽون وڃائي ويٺي، نمائندگي ختم
پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جون وڌيڪ ٻه سيٽون هارائي وئي، جنهن کانپوءِ ايندڙ اسيمبلي ۾ ان جي نمائندگي ختم ٿي وئي. باجوڙ مان ڪي پي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 21 جي سرڪاري نتيجي موجب ڪامياب جماعت اسلامي اميدوار سردار خان جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار اجمل خان 16712 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سردار خان 8128 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ان کانسواءِ پي ڪي 20 ۾ به شروعاتي نتيجن ۾ ڪامياب قرار ڏنل جماعت اسلامي جو اميدوار مولانا وحيد گل هارائي ويو. سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار انور زيب خان 12903 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اميدوار مولانا وحيد گل 6869 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ان کان اڳ پي ڪي 17 ۾ به جماعت اسلامي جو اميدوار ڪامياب ٿيو هو پر ٻيهر ڳڻپ ۾ هو هارائي ويو. اليڪشن ڪميشن جي شروعاتي نتيجن موجب جماعت اسلامي 3 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي.