اسلام آباد(م ڊ) ناليواري تجزئي نگار ۽ صحافي محسن بيگ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته نئون فارمولو طئي ٿي ويو آهي جنهن ۾ نواز ليگ پاران شهبازشريف 3 سالن لاءِ وزيراعظم هوندو ۽ ٽن سالن کانپوءِ ٻن سالن لاءِ پ پ پاران ڪو به نئون وزيراعظم هوندو،نئين صدر لاءِ آصف علي زرداري جو نالو سامهون اچي رهيو آهي، پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ مريم نواز جو نالو فائنل ٿي چڪو آهي، ٻن سالن ۽ ٽن سالن جي فارمولي ۾ پهرين ٽن سالن ۾ نواز ليگ پنهنجي ٽيم سان گڏ وفاقي حڪومت بڻائيندي ۽ ٻه سال پ پ وفاقي حڪومت بڻائيندي