اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري مستقبل جي حڪومت سازي سميت چونڊ عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سفارتي ذريعن ان ملاقات جي تصديق ڪئي آهي.