ناليواري طبيب اديب رضوي کي پرڏيهي ايوارڊ سان نوازيو ويو

ناليواري طبيب ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (SIUT) جي روح روان ڊاڪٽر اديب رضوي کي هڪ ٻئي اعزاز سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر اديب رضوي کي طبي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي عيوض آمريڪن يورولوجي ايسوسيئشن پاران هيومنٽيرين ريڪگنيشن ايوارڊ 2024 سان نوازيو ويو آهي. ڊاڪٽر اديب رضوي کي اهو ايوارڊ سندس انساني خدمتن  جي نتيجي ۾ مليو، هن ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏي پبلڪ هيلٿ ڪيئر آرگنائيزيشن قائم ڪئي ۽ گڙدن جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جو مفت علاج ڪيو. ڊاڪٽر اديب رضوي ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي اعزازن سان نوازيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.