پنو عاقل( ن ع آ) پني عاقل جي پي ايس 22 تي پ پ اميدوار اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي چئلينج ڪئي وئي آهي. پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ اميدوار ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي چئلينج ٿيڻ بعد ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي.جي يو آءِ اميدوار مبين بُلو جي درخواست تي ڊي آر او جي نگراني هيٺ پبلڪ اسڪول سکر ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جي يو آءِ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڄام اڪرام ڌاريجو کي 41 هزار 828 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو هو. غير سرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ اميدوار مبين بلو 39 هزار 778 ووٽ کنيا هئا. جي يو آءِ پاران چونڊ نتيجن کي رد ڪندي ڊي آر او آفيس ٻاهران گذريل ڏينهن ڌرڻو به هنيو ويو هو.جي يو آءِ اميدوار جي درخواست تي ڊي آر او ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ شروع ڪرائي .