اليڪشن ڪميشن جو پي ڪي 90 ڪوهاٽ ۾ ٻيهر پولنگ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي پي ڪي 90 جي  25 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن پي ڪي 90 ڪوهاٽ ۾ ڪاميابي جو مارجن گهٽجڻ بعد ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن موجب پي ڪي 90 ڪوهاٽ جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اين اي 35 ڪوهاٽ ۾ ڪامياب اميدوار جي ڪاميابي جو مارجن 71307 آهي، اين اي 35 ۾ 25 پولنگ اسٽيشنن تي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ گهٽجڻ سبب ٻيهر پولنگ نه ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ رٽرننگ آفيسر جي رپورٽ جي جاچ کانپوءِ رپورٽن مطابق هڪ تنظيم جي دهشتگردن پولنگ جو سامان چوري ڪري تباهه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.