هاڻي نئين سياست ڪرڻ سکو

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنهنجو ملڪي چونڊ نظام هر دور ۾ تڪراري رهيو آهي، سال 2024 جون چونڊون ڪرائيندڙ اليڪشن ڪميشن تي به آڱريون کڄي رهيون آهن، موجوده چونڊن تي به وڏا اعتراض واريا ويا آهن سو اها تنقيد پنهنجي جاءِ تي بلڪل به ٿيڻ گهرجي پر هاڻي ضرورت نئين سياست ڪرڻ جي آهي، عوام جي ووٽن جي احترام ڪرڻ جي ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪس ڪسر کائڻ جي گهرج آهي. معنيٰ ته روايتي طور تي نئين حڪومت جي ٺهڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ بدران ان سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر ۾ رهندي، اپوزيشن سيٽن تي ويهندي به چونڊجي آيل قومي ۽ صوبائي ميمبرن کي پنهنجي تڪن جي عوام جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. رڳو احتجاج ڪرڻ، ڌرڻا ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي جائز تنقيد حڪومت تي ضرور ڪرڻ گهرجي، پنهنجو موقف ضرور ڏيڻ گهرجي پر گڏوگڏ حڪومت کي صلاحون به ڏيڻ گهرجن ۽ اهي صلاحون ان نيت سان ڏيڻ گهرجن ته جيئن اهو تاثر جڙي ته اپوزيشن وارا مخالفت براءِ مخالفت بدران اصلاحي تنقيد ڪن ٿا ۽ اهي حڪومت کي پنهنجو دشمن نه پر سڄڻ سمجهن ٿا.

ايئن جيڪا به حڪومت چونڊجي اچي تنهن کي ئي اصل ۾ پارليامينٽ اندر جمهوري ماحول ٺاهڻ جي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ جي اصل ۾ پهرين ذميواري حڪومت جي ئي هوندي آهي. اهو سڀ ملڪ جي ڪمزور جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي روشني ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي. مطلب ته جمهوري ڌرين کي جمهوري نظام ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي خسيس پارٽي مفادن کي ڇڏڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ملڪ جا جمهوري ادارا ڪمزور آهن، آمريتي طاقتون سڌو يا اڻ سڌي نموني جمهوري نظام تي قابض آهن. تنهن ڪري غير جمهوري طاقتن جو قبضو ختم ڪرائڻو آهي ۽ اهو قبضو وڙهڻ سان يا سڌي نموني ختم نٿو ڪري سگهجي ان لاءِ تمام گهڻي سياسي بصيرت ٿي کپي، وڏي دل ٿي گهرجي، اها ويڙهه غير محسوساتي طريقي سان چونڊجي آيل سڀني اميدوارن سان گڏجي ڪري وڙهڻي پوندي.

پڪ ڄاڻو ته ملڪ جو عوام به اهو ئي ٿو چاهي. اُهو سياسي جماعت جي ڄنڊاپٽ، هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ واري سياست کان بيزار ٿي چڪو آهي. سياست ۾ سندن غير دلچسپي جو اندازو چونڊن جي ٽرن آئوٽ مان ئي اوهان لڳائي سگهو ٿا. سو عوام چونڊيل اميدوارن تي ٻڌل پارليامينٽ کي پنهنجو آئيني پنجن سالن وارو مدو پورو ٿيندي ڏسڻ گهري ٿو. اُهو سياسي افراتفري مان مڪمل طور تي تنگ ٿي چڪو آهي. اُهو پراڻي سياست بدران هاڻي نئين سياست چاهي ٿو. اُهو احتساب جي نالي ۾ انتقامي ڪاررواين جو ٻڌي الٽي اچڻ لڳي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چونڊ مهم ۾ اهو ئي نعرو کڻي آيو هو ته نئين سوچ کي ووٽ ڏيو. نئين سوچ مان سندس مراد اها هئي ته هاڻي نفرت ۽ انتقام جي سياست نه ڪرڻ گهرجي. سو جيڪڏهن اهڙي سياست جي عملي طور شروعات بلاول ڀٽو زرداري ڪري ته نه رڳو سندس ۽ پارٽي جي ساک بهتر ٿيندي پر ان سان مجموعي طور تي سياست جي ساک عوام ۾ بهتر ٿيندي.

اسان کي اها به جذبي تحت هڪٻئي سان سهڪار ڪنديون ته اسيمبلين اندر جمهوريت ۽ عوام دوست ماحول جڙي ويندو جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو. عوام جي مسئلن ڏانهن ڌيان ويندو، قانون سازي ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪيو ويندو جيڪو عمل سياسي جماعتن جي روايتي رنجشن ۽ تڪرارن سبب وڏي پئماني تي متاثر ٿيندو رهيو آهي جنهن کي هاڻي هر قيمت تي بحال ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته قانون اسيمبلين ۾ ئي گڏيل اتفاق سان ٺهندا آهن، انهن قانونن ۾ ملڪ ۽ عوام جو فائدو ڏسڻ گهرجي، ڀلي ڪهڙي به جماعت جي تجويز يا بل هجي ڏسڻ اهو گهرجي ته عوام جي مفاد ۾ آهي يا نه ناهي.

اهو به حسن اتفاق آهي ته چونڊن جا نتيجا اهڙا نظر اچن ٿا جنهن ۾ سواءِ سنڌ جي ڪنهن به صوبي توڙي وفاق ۾ ڪا به جماعت اڪيلي سر حڪومت ٺاهي ٿي سگهي سو سڀني سياسي جماعتن کي نئين سياست ڪرڻ جو سونهري موقعو به مليل آهي. انهيءَ موقعي مان فائدو وٺندي کين ثابت ڪرڻ گهرجي ته اهي هڪٻئي سان گڏجي حڪومت قائم ڪري غير جمهوري طاقتن تي ثابت ڪري سگهن ٿيون ته اهي ملڪ ۽ جمهوري نظام کي هلائڻ ڄاڻڻ ٿيون، عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جو خواب ساڀيان ڪري سگهن ٿيون.

اهو ڏسي پاڻ کي بيحد سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته نواز شريف ئي اهڙو جمهوري ماحول جوڙڻ لاءِ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ پ پ، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم وغيره کي دعوت ڏني آهي. هن روايتي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪندي گڏجي ملڪ جي خاص ڪري معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

چونڊ نظام اهي به ملڪ اندر ڀارت وانگر اهڙو قائم ڪري سگهن ٿيون جو اڳتي هلي ڪير به چونڊ نتيجن کي رد ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندو ۽ ڀارت جي سياسي جماعتن وانگر هڪٻئي جي سوڀ ۽ هار کي تسليم ڪنديون، اهڙو ماحول ٺاهڻ لاءِ به قانون سازي ڪرڻي پوندي جيڪا سياسي جماعتن جي هڪٻئي سان سهڪار بنا ممڪن ناهي. سو ان لاءِ به ملڪ کي نئين سياست جي گهرج آهي.

ان نئين سياست ذريعي خود سياست جي به عزت بحال ڪرڻي آهي. سياست جو اهو اميج ختم ڪرڻو آهي ته سياست معنيٰ ٺڳي، ٻه نمبري. سو اچو ته نئين سياست ڪري مثبت ۽ خالص عوامي سياست جي روايت قائم ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.