ورھايل مينڊيٽ ۽ استحڪام وارو سوال

تحرير: يوسف سيف

هي لکڻ جي وقت تائين بھ ملڪ جي سمورن تڪن جا نتيجا پڌرا نھ ٿي سگھيا آھن، جنھن ڪري نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي سڀني کان وڌيڪ تنقيد ٿي رھي آھي.ٻئي پاسي سامھون آيل نتيجن مان ٿلھي ليکي ھڪ ووٽرز جي ھڪ وڏي لاڙي جو پتو پئجي رھيو آھي.جنھن موجب ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کان بھ وڌيڪ ووٽ آزاد اميدوارن کي ملي رھيا آھن،اھڙي لاڙي سان اھو پڻ چٽو ٿي ويو آھي تھ ملڪ جي عام ماڻھن طاقتور ڌرين جي مرضي جي خلاف ووٽ ڏئي ڇڏيو آھي.

مجموعي طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ ۾ مان قومي ۽ اتي جي صوبائي سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ گھڻائي ”آزاد اميدوارن“ جي آھي، جن ۾ پڻ اھي”آزاد“ آھن،جن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت حاصل آھي. چونڊن کان اڳ گڙنگ صحافين جون سموريون اڳڪٿيون لڙھي ويون آھن. عوام جو اھو مينڊيٽ رسمي ۽ طاقتور حلقن جي حامي ڌرين واري بيانئي جي خلاف نظر اچي رھيو آھي.

ھاڻي ھي سوال اھم ٿي ويو آھي تھ حڪومت ڪھڙي جماعت جوڙي سگھندي ؟ اڳ ۾ اھو خيال ھو تھ ن ليگ کي طاقتور ڌريون ٿوڻيون ٿنڀ ڀرائي مٿي کڻي اينديون پر اھو ٿي نھ سگھيو آھي.جنھن کانپوءِ ن ليگ جي حلقن مان پڻ اھو آواز اچڻ شرو ع ٿيو آھي تھ اسان سان ”آزاد“ رابطي ۾ آھن، حقيقت ۾ ن ليگ انھن کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ وڌيڪ آتي نظر اچي رھي آھي.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي کي بھ اھا اميد آھي تھ اھا ”آزادن“ جو خاصو انگ پاڻ سان ملائي ڪري حڪومت لاءِ ڪو جڳاڙ ڪري سگھندي.تاحال سامھون آيل لاڙي موجب، پي ٽي آءِ جي حمايت وارن ”آزادن “ جو انگ سنگل ڌر طور، ٻنھي وڏين جماعتن کان وڌيڪ ٿي رھيو آھي.ھاڻي پوزيشن بدلجڻ جي ڪري فيصلو ڪھڙو ٿيندو، اھو بنيادي سوال ٿي ويو آھي ؟

ٻئي پاسي آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي ڪا پنھنجي پارٽي نھ ھئڻ انھن جي سڀني کان وڏي ڊي ميريٽ بڻجي ويندي. آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ اميدوار ملڪ جي قانون جي ڪوڙڪين مان نڪري معذور سياست جي ميدان ۾ پھتا  آھن  ۽ ان کانپوءِ اھي ڪامياب پڻ ٿي ويا آھن پر ڪجھه مبصرن جو خيال آھي تھ انھن کي ٽن ڏينھن جي اندر ڪنھن جماعت ۾ شامل ٿيڻو پوندو.پر ڪي ماھر ان خيال جا بھ آھن تھ اھي آزاد حيثيت ۾ بھ ايوان ۾ رھي سگھن ٿا.

پي ٽي آءِ، جماعت انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض بعد ان جي رجسٽريشن ختم ٿيل آھي.جنھن ڪري اھا پارٽي نشان کان بھ محروم رھجي وئي جنھن سان پارٽي جو سڀني کان وڏو نقصان اھو ٿيو آھي تھ اھا مخصوص ڪيل سيٽن جي حصول کان محروم ٿي وئي آھي.سياست جي تاريخ ۾ سڀني کان وڏو امتحان انھن “آزاد اميدوارن“ جو آھي تھ اھي ڪھڙي پاسي ٿين ٿا، اھا پڻ حقيقت آھي تھ ”آزاد“ طور ڪامياب ٿيل اميدوار ايترا بھ آزاد نھ آھن،ھنن جي پيرن ۾ نظر نھ ايندڙ ٻيڙون لڳل آھن.سينئر صحافي ”جيو  چينل جي الڪيشن ٽرانسميشن“ ۾ چيو آھي تھ آزادن ھڪ قسم نامو بھ ڀري ڏنو ھو تھ اھي پاڪستان تحريڪ جو ساٿ نھ ڏيندا.

صورتحال جي نزاڪت کي ڏسجي تھ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي قومي سطح تي اھا ڪاميابي نصيب نھ ٿي آھي جو اھي پنھنجي طور تي حڪومت قائم ڪري سگھن.جيتوڻيڪ سياست ۾ ڪجھه بھ حرف آخر نھ ھوندو آھي ان ھوندي بھ ن ليگ ۽ پ پ پ  جي گڏيل حڪومت جڙڻ جو امڪان نظر نھ پيو آچي،ڇاڪاڻ جو  رڳو چونڊن کان اڳ ئي انھن ھڪ ٻئي خلاف جيڪو رويو ۽ موقف رکيو آھي،ان مان تھ اھو ممڪن نٿو لڳي.جنھن ڪري ھر ڌر پنھنجا سمورا وسيلا ،حيلا ۽ لڳ لاڳاپا ڪتب آڻيندي ”آزادن“ جو شڪار ڪندا ،پر ٻنھي مان ھر جماعت جي حاصل ڪيل سيٽن کان ”آزادن“ جو تعداد وڌيڪ آھي. ايڏي وڏي انگ ۾ کين ضم ڪرڻ يا شامل ڪرڻ سان خود انھن کي انھن جماعتن جي اندر بھ اختلاف پيدا ٿيڻ ممڪن آھن.جنھن ڪري سياست جي ھن ڀيري واري ميدان ۾ جيتوڻيڪ چونڊون تھ ٿي ويون آھن،نتيجا بھ اچي رھيا آھن،پر اھي نتيجا ٻن ٻارن وچ ۾ ڪنھن رانديڪي تان ٿيل جھيڙي ۾ ڀڄي پيل رانديڪي جھڙا آھن.جنھن سان نھ انھن ٻن مان ڪو ھڪڙو کيڏي سگھي ٿو نھ ئي وري اھي ٻئي گڏجي کيڏي سگھن ٿا.

ڪجهھ مبصرن جو خيال آھي تھ ”آزادن“ جو پھاڙ ايترو ڳرو آھي، جو اھو سياسي جماعت کان نھ کنيو ٿيندو.امڪان آھي تھ انھن مان ڪي اميدوار طاقتور ڌرين جي چئي آکي ۾ ھجن،ڪن جو وري اقتداري ڌر ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ”ضمير جاڳي“ پئي. يا وري ان مال غنيمت مان ٻيون جماعتون پڻ حصو پتي کڻن.

ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪرايل چونڊن جي نتيجن ۾ دير ڪري اليڪشن ڪميشن پاڻ ئي تڪرار جو ميدان تيار ڪري ڏنو آھي،جيتوڻيڪ ن ليگ جي اڳواڻ پھرين ڪاوڙ  ۾ اچي ڪري پريس ڪانفرنس بھ ڪرڻ وارو ھو پر پوءِ سمجھه ۾ نھ ايندڙ سبب جي ڪري اھو مڙي ويو.جنھن ڪري بھ ڪئين سوال پئدا ٿيا آھن.ساڳئي وقت جيڪڏھن وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نتيجا بھ دير سان ظاھر ٿيڻ جي سان ماڻھن کي نتيجن تي سوال اٿارڻ جو موقعو مليو آھي.

سامھون آيل نتيجن جي بنياد تي جيڪڏھن اھو سوال اٿارجي تھ ھاڻي جيڪا حڪومت جڙندي ان سان ملڪ ۾ استحڪام ٿيندو ؟ تھ ان جو ڪو بھ مناسب جواب نھ آھي.ان ڪري جو ھي ورھايل مينڊيٽ آھي.جنھن ۾ سڀني اسٽيڪ ھولڊرز جي لاءِ اھو ھاڻي گھڻو لازمي ٿي پيو آھي تھ اھي گڏجي ھڪ ٻئي کي سھڻ ۽ ڀائچاري واري ماحول کي جنم ڏين، ٻي صورت ۾ ھي ”ڪمپني گھڻو وقت ھلي نھ سگھندي“

ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن جا حتمي نتيجا تاحال نھ اچي سگھيا آھن،چونڊن واري ڏينھن صبح جو بند ڪيل انٽرنيٽ سروس رات جو ھڪ وڳي بحال ٿي سگھي.جنھن تي ملڪي توڙي دنيا ۾ تنقيد ڪندي ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اليڪشن 2024 لاءِ اليڪشن ڪيمشن نادرا سان گڏجي ڪري اليڪشن مينجمينٽ سسٽم جو سافٽ وئير تيار ڪيو ھو،جنھن جي انچارج ڪرنل (ر) سعد علي جي دعويٰ ھئي تھ انٽرنيٽ بند ھئڻ باوجود چونڊ نتيجن تي ڪو اثر نه پوندو، پر ھن ڀيري پڻ اڳي جيان ئي ٿيو، تڏھن رزلٽ مينيجمينٽ سسٽم (آر ٽي ايس) سسٽم فيل ڪيو ويو ھو ۽ ھن ڀيري بھ الڪيشن مينيجمنيٽ سسٽم فيل ڪرايو ويو.

چونڊ عمل شام جو 5 وڳي ختم ٿيڻ کانپوءِ رات دير تائين نتيجن جي سستي سان اچڻ بابت جڏھن ميڊيا ۽ ڪجھه سياسي ڌرين ھاءِ گھوڙا ڪئي تڏھن وڃي رات جو لڳ ڀڳ ڏيڊ وڳي اليڪشن ڪميشن رڳو ھڪ رسمي پريس رليز  جاري ڪري، نتيجن ۾ ٿيل دير جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ويو تھ اڌ ڪلاڪ اندر نتيجا ڏيڻ شرو ع ڪيا وڃن، پر اھڙي حڪم تي پڻ ڪو فوري عمل نھ ٿيو. ملڪ جي 12 ڪروڙ 80 لک اھل ووٽرز مان جن بھ اهڙي حالتن ۾ ووٽ وڌا ھئا انھن کي نتيجن جو تھ بي قراري سان انتظار ھو،پر  اختيارين ڪا بھ مثبت موٽ نھ ڏني.غيرضروري ٿيل دير جو اليڪشن ڪميشن ڪو بھ جوڳو جواز پيش نھ ڪيو آھي.

ھاڻوڪي چونڊن واري ٿيل وڏي ۽ ڊگھي پريڪٽس باوجود ملڪ ۾ استحڪام،معاشي،آئيني ۽ سياسي بحران جو ختم ٿيڻ وارو سوال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.