اليڪشن ڪميشن جي دعويٰ ابتڙ اي ايم ايس سسٽم به بيهي ويو

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن اي ايم ايس کي موبائل بندش کان به آجو قرار ڏنو هو ان باوجود اي ايم ايس سسٽم بيهي ويو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو هو ته موبائل بندش جو به اي ايم ايس تي اثر نه پوندو . اليڪشن ڪميشن جي ترجمان هارون شنواري جو چوڻ آهي ته شهرن ۾ رات 10 کان 11 وڳي کان مڪمل نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا پر جبل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ دير ٿي سگهي ٿي. سرڪاري چينل پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران نتيجن  لاءِ تيار ڪيل اي ايم ايس سسٽم آف لائن موڊ ۾ به نتيجا ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي جو ان تي ڪو به اثر نه پوندو. هارون شنواري چيو ته سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواه صوبن ۾ جتي ڊگها لاڳاپا ۽ ٻيا مسئلا آهن، اتي مڪمل نتيجا اچڻ ۾ دير ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.