فوج سان ڪو مسئلو ناهي رهيو، نواز شريف مڪمل اڪثريت جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چونڊن ۾ مڪمل اڪثريت جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوج سان ڪو مسئلو ناهي رهيو.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عوام گھرن مان نڪري، ووٽ ڪاسٽ ڪري، ملڪ مان گار گند ۽ بدتميزي جي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪريو. نواز شريف چيو ته انهن ماڻهن اسان جي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، ملڪ ۾ هڪ پارٽي جي اڪثريتي حڪومت ضروري آهي. ن ليگ جو قائد نواز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ جماعت کي اڪثريت سان ووٽ ملڻ گھرجي، اليڪشن ۾ هڪ جماعت کي مڪمل مينڊيٽ ملڻ گھرجي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مريم نواز بُري وقت ۾ پارٽي لاءِ جدوجهد ڪئي، نتيجا اچڻ بعد وڏي وزير بابت فيصلو ڪيو ويندو.اسان قربانيون ڏئي هتي پهتا آهيون، خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.