موبائيل فون سروس بندش مان لڳي ٿو ته حالتون غيرمعمولي آهن: مشاهد حسين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نون ليگ اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد عام چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس جي بندش تي چيو آهي ته موبائيل فون سروس بندش مان لڳي ٿو ته حالتون غيرمعمولي آهن.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائنيدي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته هي اليڪشن پراسيس ۽ معمول جو ڏينهن آهي، موبائيل فون بندش مان لڳي ٿو ته حالتون غيرمعمولي آهن.
هن چيو ته اليڪشن لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سڪون سان ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي، سڀني پارٽين جا پولنگ ايجنٽ موجود آهن، پولنگ کان پهرين جيڪو ٿيو، سڀ ڄاڻن ٿا.
مشاهد حسين سيد چيو ته اٺ فيبروري جو ڏينهن اچي ويو، خدا خدا ڪري چونڊون ٿي رهيون آهن، پهريان شڪ شهبا هئا ته ليول پليئنگ فيلڊ ته ناهي ڏني وئي، پوءِ به ٽين دنيا ۾ ماڻهن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.