اليڪشن 2024، مختلف سياسي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيا؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي ڪراچي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي تڪ اين اي جي پولنگ اسٽيشن 82 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ پولنگ اسٽيشن گورنمنٽ پرائمري اسڪول نمبر ٿري نئون ديرو ۾ ڪاسٽ ڪيو .
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرايو.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اين اي 46 تي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه سکر ۽ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي تڪ اين اي 190 تي پ پ اميدوار مير اعجاز جکراڻي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان پنهنجي گهر واري سميت ڪوئيٽا ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
اسلام آباد جي تڪ اين اي 47 ۽ 48 تي بيٺل آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.