عامر جمال سان بنگلاديش ۾ اڻوڻندڙ واقعو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ ڪوميلا وڪٽورينز جي نمائندگي ڪندڙ عامر جمال سان ٽيم انتظاميا جي رويي سڀني کي مايوس ڪري ڇڏيو.
بي پي ايل جي اهم ميچ ۾ کلنا ٽائيگر خلاف پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياريندڙ پاڪستاني آل رائونڊر عامر جمال کي ميچ کانپوءِ ٽيم جي بس گرائونڊ ۾ ڇڏي هوٽل رواني ٿي وئي.
گذريل ڏينهن پنهنجي ٽيم لاءِ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ عامر جمال بس نڪري کانپوءِ هوٽل وڃڻ لاءِ پريشان نظر آيو ۽ گاڏي جي ڳولا ۾ روڊن تي ڦرندو رهيو.
سوشل ميڊيا ميڊيا تي ڪرڪيٽ شوقينن بنگلاديش پريميئر ليگ جي انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ کي ليگ جو معيار بهتر بڻائڻو ته اهڙين غلطين کي سڌارڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.