ملڪ ۾ پرامن پولنگ عمل جاري آهي، ڪا به شڪايت ناهي ملي: اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيل جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ پولنگ جو عمل پرامن طور جاري آهي ۽ ڪنٽرول روم ۾ هنيئر تائين ڪا به شڪايت ناهي آئي.
ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر مڪمل طور فعال آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر ۾ موجود آهي.
ترجمان موجب، هو سموري ملڪ ۾ قائم ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽرز سان هر وقت رابطي ۾ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، مرڪزي ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد مان سموري ملڪ ۾ چونڊن جي نگراني ڪري رهيو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پولڪنگ جو عمل پرامن طور تي جاري آهي، ڪنٽرول روم ۾ هينئر تائين ڪا به شڪايت نالي آئي
ان کانسواءِ ترجمان طرفان ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾051-111327000 تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.