پاڪستان جي استحڪام لاءِ آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن ضروري آهي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڪانگريس رڪن شيلا جيڪسن چيو آهي ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن ضروري آهي.
آمريڪي ڪانگريس رڪن شيلا جيڪسن پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چونڊون پاڪستاني عوام لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل آهن، پاڪستان جي استحڪام لاءِ آزاد، منصفاڻي اليڪشن ضروري آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس مين بريڊ شرمن چيو آهي ته اِهو اهم ناهي ته ڪير اقتدار ۾ آهي، اهم اِهو آهي ته اقتدار ۾ ڪيئن آيو؟ .
سندس چوڻ هوته آمريڪا سموري دنيا ۾ جهموريت جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ منصفاڻي ۽ آزاد اليڪشن جي حمايت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.