بيلٽ پيپر جي پرنٽنگ ۽ سائز بابت هلندڙ وڊيو گمراهه ڪندڙ قرار

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميش آف پاڪستان سوشل  ميڊيا  ۾ بيلٽ پيپر جي پرنٽنگ ۽ سائز بابت هلندڙ هڪ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنيدي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپز هميشه کان اميدوارن جي تعداد جي لحاظ کان سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الف بي جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو وڃي ٿو، هن دفعي به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن  ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز  اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ www.ecp.gov.pk ۽ يو ٽيوب چينل تي موجود آهن، ووٽرز کي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران ڄاڻ لاءِ رڳو اليڪشن ڪميشن  پاران جاري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو وٺڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل  سيل ڪمپلينٽ  تي 000-327-111-051 سان رابطو  ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.