جهل مگسي ڀرسان 3 ڀائر مبينا زهر ڏئي قتل، والد جو ننهن تي الزام

شهدادڪوٽ (عوامي آواز نيوز) جھل مگسي ڀرسان 3 ڀائر مبينا زهر ڏئي قتل، سندن والد جو نُنهن تي الزام، جھل مگسي ڀرسان ڳوٺ کوسا ۾  3 ڀائر مبينا زهر ڏئي قتل ڪيا ويا، مقتولن جي والد پنهنجي ننهن تي قتل جو الزام هنيو آهي، مقتولن جي والد امداد کوسو چيو آهي ته ننهن بشيران گھرواڻبڻت تان منهنجي ٽن پٽن فضل کوسو، عبدالحميد ۽ خميسو  کي ماني ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو آهي، امداد کوسو موجب ظلم ڪيو ويو آهي، ٽن پٽن کي قتل ڪري گهر ئي تباهه ڪيو ويو آهي، بشيران زال فضل کوسو کي  گرفتار ڪري انصاف ڪيو  وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.