ڪوئيٽا(م ڊ) عام چونڊن کان اڳ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ چونڊ آفيسن ٻاهران ڌماڪا ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ 46 زخمي آهن. تازن اطلاعن موجب، بلوچستان ۾ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ ٽيهه ٿي ويو آهي جڏهن ته 46 ڄڻا زخمي آهن. بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ آزاد اميدوار ۽ قلعي سيف الله ۾ جي يو آءِ ( ف ) جي اميداور جي چونڊ آفيسن ٻاهران ڌڪاڪا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته پهريون ڌماڪو پشين جي علائقي خانوزئي پي بي 47 جي آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ڌماڪو ٿيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي آهي. خانوزئي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ تصديق ڪئي ته ڌماڪي کانپوءِ 17 ڄڻن جا لاش ۽ 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي جنهن ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. بلوچستان جي ضلعي قلعي سيف الله ۾ ٻيو ڌماڪو ٿيو جتي جي يو آءِ ( ف ) جي آفيس ٻاهران ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ڪيئي زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ موجود موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته فائربريگيڊ عملو به موقعي تي پهچي ويو . حملي ۾ جي يو آءِ جو اميدوار عبدالواسع محفوظ رهيو، اليڪشن ڪميشن ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي . بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڪالي محمد شاهي هاءِ اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي دستي بم حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ڊان نيوز موجب مستونگ ۾ محمد شاهي هاءِ اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي اڻڄاتل هٿياربندن دستي بم سان حملو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دستي بم ڌماڪي ۾ ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي. هوڏانهن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو. ڊان نيوز موجب قلعه عبدالله جي علائقي ميزائي بيس ۾ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله جي قافلي تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو خوش قسمتي سان محفوظ رهيو. حافظ حمدالله سميت قافلي ۾ شامل سمورا ڪارڪن ۽ سيڪيورٽي اهلڪار محفوظ رهيا. جي يو آءِ (ف) جو اڳواڻ حافظ حمدالله چمن کان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو. هوڏانهن بلوچستان سرڪار ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.