جسٽس منيب اختر طرفان مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت ڪارروائي هلائڻ کان معذرت

ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ  ڪراچي رجسٽري ۾ گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي معاوضو ۽ متبادل گهر ڏيڻ بابت  ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جسٽس منيب اختر جو چوڻ آهي ته هو بنيادي ڪيس نه ٻڌي رهيو آهي جنهن ڪري توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نئين بينچ جوڙڻ جي درخواست چيف جسٽس ڏانهن اماڻي وئي آهي، اڄ بينچ جوڙڻ جو امڪان آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن اڄ بينچ جوڙي وئي ته ڪجهه دير بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي، جيڪڏهن  اڄ بينچ نه ٺهي سگهي تي ڪيس جي ٻڌڻي جمعي ڏينهن ڪئي ويندي. ٻي پاسي گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي متاثرن پاران سپريم ڪورٽ  ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. متاثرن جو چوڻ هو ته کين متبادل گهر فراهم نه پيا ڪيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته کين متبادل گهر فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

  • عمران خان جا ٻئي پٽ به چونڊن جي مهم ۾ شامل

لنڊن(م ڊ)سياسي ۽ قانوني مشڪلات ۾ گهيريل پي ٽي آءِ جي باني جي اڳوڻي گهرواري جمائما خان پاڪستان ۾ عام چونڊن کان  اڳ عمران خان جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما ۽ پٽ قاسم پي ٽي آءِ ووٽرن لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي.جمائما سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٻن پٽن سليمان ۽ قاسم جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن پي ٽي آءِ جو جهنڊو کنيو آهي.عمران خان جي پٽ قاسم خان به پنهنجي آفيشل ايڪس هينڊل تي ساڳي تصوير سان پارٽي جي حمايت ۾ پيغام جاري ڪيو.قاسم خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ پاڪستان لاءِ وڏو ڏينهن آهي. توهان جو ووٽ اهم آهي.پي ٽي آءِ جي باني جي پٽ حمايت ڪندڙن کي وڌيڪ چيو ته ”مون پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو“ هيش ٽيگ #votePTI سان گڏ هڪ تصوير يا وڊيو پوسٽ ڪريو ووٽ ڏيڻ کانپوءِ توهان جي حمايت ڏيکاري.

  • پريزائيڊنگ آفيسر تبديل ڪرڻ تي پ پ کي ڳڻتي

ڪراچي (رپورٽر)  پاڪستان پيپلزپارتي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي تڪ اين اي 237 ۾ اليڪشن کان اڳ پرزائيڊنگ آفيسرن جي بدلين تي ڳڻتي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ رات دير سان ڪنهن جي چوڻ تي هيءَ تبديلي ٿي؟ هن گهر ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور تي نوٽيس وٺي پرزائيڊنگ آفيسرن جون بدليون رد ڪري، هن چيو ته بدليون صاف شفاف ۽ اليڪشن جي رستي ۾ رڪاوٽ آهن.

  • ايران جي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت

تهران(م ڊ)پاڪستان ۾ ايراني سفارخاني بلوچستان دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايراني سفارخاني جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران  بلوچستان ۾ دهشتگرد  حملي ۾ سخت ۽ چٽن لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن دهشتگرد حملي ۾ بيگناهه شهري زخمي ۽ شهيد ٿيا، ڏک جي هن گهڙي ۾  ايران پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، ايران پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ متاثر خاندانن سان همدردي سان اظهار ڪري ٿو، ايراني سفارخاني سوشل ميڊيا ۾ مذمتي بيان سان دهشتگردي حملي  کان پوءِ جي تصوير به لڳائي آهي.

  • فارم 45 بابت هدايتن تي سختي سان عملدرآمد جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ م پرزائيڊنگ آفيسرن کي عام چونڊن جي ڏهاڙي تي فارم 45 بابت هدايتن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 تي پاڻ ۽ پولنگ ايجنٽن کان صحيح ڪرائيندا. سندس چوڻ آهي ته صحيحن کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر لڳائيندا. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا فارم 45 جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فارم 45 بابت هدايتن تي عمل نه ڪندڙ پرزائيڊنگ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته پولنگ اسٽيشن تي مقرر ڪيل پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ نتيجو فارم 45 تي رڪارڊ ڪندو آهي.

  • سنڌ ۾ 61 قومي ۽ 130 صوبائي تڪن تي تياريون مڪمل

ڪراچي(م ڊ)سڄي ملڪ جيان سنڌ صوبي ۾ به پولنگ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. سنڌ  صوبي جي قومي اسيمبلي  جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون آهن، صوبي ۾ اهل مرد ووٽرز جو انگ 14612645 ۽  عورت ووٽرز جو انگ 12382125 آهي، جنهن جو ڪل انگ 26994770 بڻجي ٿو، صوبي ۾ پولنگ اسٽيشنز جو انگ 19008 آهي جنهن مان 6768 انتهائي حساس،  6582 حساس ۽ 5658 نارمل آهن،  صوبي ۾ قومي اسيمبلي  جي 61 سيٽن تي 1130  اميدوار جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي 2795 اميدوار آمهون سامهون آهن.صوبي ۾پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 19008، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 130010 جڏهن ته  پولنگ آفيسرن جو انگ 65005 آهي.

  • اقبال زيڊ ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ  ريفرنس واپس موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ جي مالڪ اقبال زيڊ احمد ۽ ٻين جي خلاف 28 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو داخل ريفرنس واپس چيئرمين نيب کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو، احتساب عدالت ڪراچي اقبال زيڊ احمد سميت 7 جوابدارن جي خلاف ريفرنس نيب چيئرمين کي موڪلڻ جي درخواست فيصلو ٻڌايو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اقبال زيڊ احمد سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت بحال رهندي، جيستائين ريفرنس لاڳاپل عدالت ۾ داخل نٿو ڪيو وڃي، فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدار جيڪڏهن لاڳاپيل عدالت يا جاچ آفيسر جي نوٽيس جاري ڪرڻ تي لاڳاپيل فورم تي پيش نه ٿيا ته ضمانت جي رقم ضبط ڪئي ويندي، نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ عدالت کي ريفرنس جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي، عدالت اقبال زيڊ احمد ۽ ٻين خلاف داخل ريفرنس واپس نيب چيئرمين کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ 20 ڊسمبر 2023ع تي ريفرنس حيدر آباد کان ڪراچي احتساب عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

  • اقليتي برادري، جسماني معذورن ۽ ووٽرن جي سهولت لاءِ شڪايتي ڊيسڪ قائم

ڪراچي(رپورٽر)   اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن، جسماني معذورن ۽ ووٽرن جي سهولت  لاءِ شڪايتي ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي آهي، ڄاڻايل ماڻهو چونڊن بابت ڪنهن به شڪايت کي 99205338-021 يا 99202624-021 نمبرن تي داخل ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته واٽس ايپ نمبر تي 50566100327 تي به شڪايت ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.