پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شروع ڪيل احتجاج ريلي ايس ايس پي سکر آفيس آڏو پهتي، ڌرڻو

سکر(رپورٽر) پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي ۽ سنڌ سڀا پاران دارا واھڻ کان شروع ڪيل احتجاجي ريلي ايس ايس پي سکر جي آفيس آڏو پھتي ۽ ايس ايس پي لاءِ يادداشت نامو ڏنو ويو، يادداشت نامي ۾ اڳواڻن پريا  ڪماري رهائي ڪميٽي سرواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ سڀا جو سنڌي انعام  پاران چيو ويو ته ڇا اوھان کي اڃا بـ اھا خبر ناھي پئي ته سنگرار مان پريا ڪماريءَ نالي سنڌي نياڻيءَ کي 19 آگسٽ 2021  محرم جي 10 تاريخ تي عزادارن کي پاڻي پيئارڻ واري اسٽال تان کنڀي قيد ڪيو ويو آهي، جنھن جي قيد کي اڄ 902 ڏھاڙا  ٿي ويا آهن ۽ ان جي آزاديءَ واري جدوجهدد کي 155 ڏينهن پورا ٿيا آهن،  جيڪڏهن خبر ناهي ته پوءِ افسوس آهي ته اوهان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ناهي ڪئي، اوهان سکر ضلعي جي حفاظت ڪندڙ آهيو، جيڪڏهن چوري ٿي وئي، ڌاڙيل ڌاڙو هڻي ويا ته ڏوهه، ڪوتاهي ۽  نااھلي حفاظت ڪندڙ جي ليکي ۾ ايندي آهي، اڳواڻن چيو ته معصوم نياڻي جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ايس ايس پي ڪي به قدم نه کنيا آهن، هو پنهنجي ڊيوٽي نڀائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ته پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ پريا ڪماري رهائي ڪميٽي ۽ سنڌ سڀا اليڪشن بعد اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.