اليڪشن ڪميشن پارٽين ۾ فرق نه ڪري: شيري رحمان

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري  رحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن به پارٽي ۾ فرق نه ڪرڻ گهرجي.  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ٽير کي ووٽ ڏنائون ته ڏسي وٺنداسين، پوليس جي سهڪار سان اسان جي آفيسن ۽ ڪال سينٽرز تي حملا ٿي رهيا آهن، هي اليڪشن آهي، ڪو فساد ناهي. شيري رحمان چيو ته لاهور ۽ پاڪستان ڪنهن جي جاگير ناهي، ڌمڪيون ۽ خونريزي کانسواءِ اليڪشن ٿيڻ ڏيو، اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي خدشن جو نوٽيس وٺي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاءُ تارڙ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عطا تارڙ جا غنڊا جٿن جي صورت ۾ حملا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.