ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انوکو قدم کڻندي ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي چوڪيدار ۽ سوئپر کي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي موجب اليڪشن ڪميشن تعليم کاتي جي چوڪيدار محمد اشرف جي گورنمنٽ ڊگري سائنس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، ڪاليج جي سوئپر پرويز مسيح کي خورشيد گورنمنٽ گرلز ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، آفيس ڪلينر محمد حبيب کي گورنمنٽ سپيريئر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ٻن اسسٽنٽ کي به اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.