ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي تڪ اين اي 240 پي ايس 108 جي شو مارڪيٽ ۾ جي ڊي اي جو شاندار جلسو، شهرين ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، جلسي کي جي ڊي اي جي سڌ سماءِ سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، اين اي 240 جي اميدوار شمائله رزاق، پي ايس 108 جي اميدوار سيد خرم شاھ جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪيو، شاندار آتش بازيءَ جو مظاھرو ڪيو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي سردار عبدالرحيم چيو ته 8 فيبروري جو سج جي ڊي اي جي ڪاميابي سان اڀرندو ٿيندو، ھي ڏينهن سنڌ کي بنجر بڻائيندڙڻ جي شڪست جو ڏينھن ھوندو، سسٽم جي بانيڪارن جي ڪراچي ريلي بري طرح ناڪام ٿي وئي، ڪراچي جي عوام انھن کي رد ڪري ڇڏيو، ته پنجاب جي عوام به سسٽم مافيا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ کي کنڊرات بڻائيندڙ پنجاب جي به بجيٽ ھڙپ ڪرڻ جا خواب پيا ڏسن، پر سازشن ۾ ناڪام ٿيندا، پير صاحب پاڳاري جي فلسفي سان متحد سنڌ مضبوط پاڪستان کي ضرور ڪاميابي ملندي،ڪراچي لاءِ رکيل بجيٽ منصوبن تي لڳائڻ بدران هڙپ ٿي وئي، جلسي کي اين اي 240 تي جي ڊي اي جي اميدوار شمائله رزاق ۽ پي ايس 108 جي اميدوار سيد خرم شاھ جيلاني سميت ٻين ب خطاب ڪيو.