پرامن چونڊن لاءِ سمورا قدم کنيا آهن : مبين جماڻي

ڪراچي ( رپورٽر ) بلديات ھائوسنگ، ٽائون پلاننگ ۽ بحاليات کاتي جي نگران صوبائي محمد مبين جماڻي چيو آھي ته صوبي  ۾ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران حڪومت سمورا قدم کنيا آهن ،سيڪيورٽي خدشات صرف سنڌ ۾ نه پر ڪي پي ڪي،بلوچستان ۾ حالتون وڌيڪ حساس آھن،پر اسان پر اميد آھيون سيڪيورٽي ادارن سمورا انتظام ڪيا آھن ،نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ جي ڪا به تجويز ناھي، تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ 26 مرد ۽ عورت آفيسرن کي مقررين جا آرڊر ڏنا،ھن چيو ته اميد آھي ته سمورا آفيسر ايمانداري ۽ محب وطني جو مظاھرو ڪندي صوبي کي ترقي ڏياريندا، صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 419 ميونسپل آفيسرن  100 کان وڌيڪ اڪائونٽس آفيسرن کي نوڪريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تي ڏنيون ويون آھن، ڪافي عرصي کان ماڻھن ٽيسٽون ڏنيون ھيون،پر ڪجهھ سببن جي ڪري مقرريون رڪيل ھيون، ھن چيو ته  تقريب سان ڪنھن سياسي جماعت کي فائدو نه ٿيندو، سموريون نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون ويون آھن، ھن چيو ته گھڻو ڪجهھ ڪرڻ لاءِ سوچيو ھو پر نه ڪري سگھياسين.

نواز شريف ڪنهن آرمي چيف کي مير جعفر نه سڏيو:شهباز شريف

قصور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نوازشريف کي ٽي ڀيرا هٽايو ويو پر ڪنهن به آرمي چيف کي مير  جعفر نه چيو، هي عوام جو نواز شريف آهي. قصور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سڄي پاڪستان ۾ جنهن به ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اهو نواز شريف ئي آهي. شهباز شريف چيو ته سنڌ جي پارٽي ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهي ۽ چوي ٿو ته ڪراچي کي لاهور ۾ تبديل ڪيو ويندو.

حافظ نعيم اڳواٽ ئي ڌانڌلين جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عام چونڊن بابت خدشا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته خدشو آهي ته پارٽين جي سهڪار سان اضافي بيلٽ پيپر ڏنا پيا وڃن، اميد آهي ته اهو خدشو غلط آهي، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر بدلي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن نتيجا پرزائيڊنگ آفيسر تبديل ڪيا ته اها جمهوريت نه هوندي.عوام تي ڇڏي ڏيو ته هو جنهن کي چاهي ووٽ ڏين. امير جماعت اسلامي ڪراچي وڌيڪ چيو ته ليول پلينگ فيلڊ جو به مسئلو آهي پر ڌاندلي ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين.

چوڪيدارن جي پريزائيڊنگ آفيسر طور مقرري جا اطلاع رد

ڪراچي (رپورٽر) ميڊيا جي ڪجهه ادارن ۾ 2024ع جي عام چونڊن واري عمل دوران چوڪيدارن جي پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرري  تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان واضح ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته اهڙي ڪنهن به قسم جي مقرري بابت خبرون بي بنياد آهن، ۽  ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري لاڳاپيل آفيسر جون گهرجون شناختي ڪارڊ ۽ موبائيل نمبر جي رجسٽريشن اِي ايم ايس سسٽم تحت ئي پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڪري سگهي ٿي. ھن واضح ڪيو تھ اهڙي قسم جا سمورا افواهه  بي بنياد آهن. ڪجهه ماڻهو پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي ڊيوٽي آرڊر تيار ڪري ميڊيا جي ڪجهه حلقن کي ڏئي سنسني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سمورن صحافين کي گذارش آهي ته اهڙي قسم جي خبر شايع ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق يا ترديد ضرور ڪن.

لوڌران مان عورت آزاد اميدوار جهانگير ترين جي حق ۾ هٿ کڻي وئي

لوڌران ( م ڊ )اين اي 155 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار عفت طاهره استحڪام پاڪستان  جي سربراهه جهانگير ترين جي حق ۾ دستبردار ٿي وئي آهي. لوڌران ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ آزاد اميدوار عفت طاهره سومرو آءِ پي پي چيئرمين جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي. عفت طاهره سومرو اين اي 155 تان جهانگير ترين جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جهانگير ترين پاران عفت طاهره سومرو جي آجيان ڪئي وئي ۽ گڏجي سياست ڪرڻ جو عزم ورجايو. ٻئي پاسي عفت طاهره سومرو هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته مان اين اي 155 لوڌران تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته مون ن ليگ جي صديق بلوچ خلاف لوڌران مان عملي سياست جي شروعات ڪئي، صديق بلوچ گروپ ٻن ٽن ڏينهن کان پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ته مون کي اغوا ڪيو ويو آهي، هي ڪوڙو پروپيگنڊا آهي. هن چيو ته مون تي رقم جو الزام لڳايو ويو، جيڪو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. عفت طاهره سومرو چيو ته عوام اين اي 155 ۾ جهانگير ترين کي ووٽ ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.