پاڪستاني ميڊيا مقبول سياستدانن خلاف اسٽيبلشمينٽ سان گڏ ڇو؟ بي بي سي

اسلام آباد(م ڊ) بي بي سي موجب پاڪستان ۾ هر عام چونڊن کان اڳ جيڪڏهن ميڊيا تي نظر وجهجي ته ان ڳالهه جو  اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ۾ ويٺل سياستدانن کي يا ته ڪوريج نه ٿي ملي يا وري اها غير متوازن آهي.جيڪڏهن پاڪستان جي تازي تاريخ تي نظر وجهجي ته اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاڪستاني ميڊيا جي هڪ وڏي حصي طرفان ناپسنديده شخصيت طور ڏٺو ويو هو. هن ڀيري نواز شريف جي جاءِ تي عمران خان وٺي ڇڏي آهي.نواز شريف وانگر عمران خان به ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي سياسي زوال جو ذميوار قرار ڏئي ٿو.پاڪستاني ميڊيا پاران عمران خان کي ڏنل ڪوريج بابت حامد مير جو چوڻ آهي ته ”جيڪي صحافي عمران خان جي شادي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اهي حقيقت جي ڳالهه ڇو نٿا ڪن ته عمران خان جي شادي سندس وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ جي آهي جيڪڏهن هوءَ ايتري ئي غلط هئي ته جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کيس وزيراعظم ڇو بڻايو؟حامد مير جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ ڪردارڪشي جا ذميوار نه سياستدان آهن ۽ نه ئي ميڊيا.”جيڪي ان جا ذميوار آهن، اهي ئي آهن، ڊان ٽي وي سان لاڳاپيل صحافي ۽ اينڪرپرسن ضرار کھڙو جو خيال آهي ته ميڊيا ۾ سياستدانن جي ڪردارڪشي رڳو اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ جو نتيجو ناهي پر ان جا ٻيا به سبب آهن.جڏهن پاڪستان جي هڪ وڏي نيوز چينل جي اينڪرپرسن کان سوال پڇيو ويو ته هن جواب ڏيڻ کان معذرت ڪندي چيو ته ”توهان کي خبر آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان ڪجهه به چيو ته اسان جي شڪايت چينل جي انتظاميا کي ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.