موقعو مليو ته ڪچين آبادين کي پڪو ڪنداسين: آصفه ڀٽو

نوابشاهه (ڊ ر) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم دوران قاضي احمد موڙ نوابشاھ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته انشاءَ الله 8 فيبروري تي فتح اوهان جي ٿيندي، فتح عوام جي  ٿيندي، پيپلز پارٽي جي فتح ٿيندي ٺپا هي ٺپا تير پر ٺپا، ھن چيو ته 300 ليپ فري ملين حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪريو ھن چيو ته توهان چاهيو ٿا ته توهان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن ته تير جي نشان ٽي ٽپو ھڻو، 30 لک گهر ٺاهڻ چاهيو ٿا ته بلاول کي ڪامياب ڪرايو غربت ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته بلاول ڀٽو جو آواز بڻجو، چاھيو ٿا ته هارين کي هارين ڪارڊ ملي ته تير جي نشان تي ٽپو لڳايو، ھن چيو ته موقعو مليو ته ڪچي آبادين کي پڪو ڪنداسين، اسان عوام جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو، ماڻھو صرف ڪرسي جي لالچ ۾ سياست ڪندا آھن، جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري اوھان جي روزي روٽي لاءِ سوچيندو آھي، ھن چيو ته اسان ھڪ پاڪستان ٺاهينداسين جيڪو اسان سڀني جو ھوندو اوھان اھو واعدو ڪيو ته توھان 8 فيبروري تي صبح جو اٿي تير تي ٽپو ھڻندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.