لاهور(عوامي آواز نيوز)پاڪستاني سياست کي شطرنج جي مهرن وانگر استعمال ڪندڙ پڇاڻي کان آجا،نوازشريف جي حمايت ۾ لڳندڙ وڏا اشتهار،اڳواٽ وزيراعظم جو لقب ملڻ سوشل ميڊيا ت ي تنقيد جو نشانو بڻيل،ناليواري صحافي عمران شفقت چيو آهي ته اسان جا عجيب رويا آهن،عجيب سماج آهي، پهرين خبرون هلنديون آهن ته اسان فلاڻي جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، بعد ۾ خبر پئجندي آهي ته اسان انهن سان صلح ڪري ورتي آهي ۽ انهن کي واپس آندو ويو آهي، اها به خبر نٿي پئجندي ته قانون ۽ ضابطن کان هٽي صلح ڪنهن ڪئي؟ رڳو من مرضي آهي، هن چيو ته سوال اهو آهي ته 9 مئي واقعا ڪندڙن کي ڪنهن بڻايو، انهن کي سر جو سائين ڪنهن بڻايو؟ ظاهر آهي ته انهن کي طاقتور حلقن ڪلهي تي کڻي آندو پر ڪنهن ۾ به جرئت ناهي ته قانون تي عملدرآمد جي ڳالهه ڪري ۽ عمران خان نالي تجربو ڪندڙن کان پڇاڻو ڪري ،اهي ته پاڪ صاف بيٺا آهن مسئلو اهو آهي ته جن هشيءَ ڏني هئي انهن کي هٿ ناهي لڳائڻو،پي ٽي آءِ حامي فلڪ جاويد خان جي هڪ ٽوئيٽ جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”اين اي 118 لاءِ پولنگ ايجنٽ گهربل آهن،ڪو رابطو ڪري، ٻه ڏينهن رهجي ويا آهن، ان پيغام کي پکيڙيو“هن چيو ته ٻن ڪلاڪن ۾ اها پوسٽ ساڍا چار لک ماڻهن ڏٺي،ساڍا 15 هزار ماڻهن لائيڪ ڪئي ۽ 6 هزار ماڻهن ان کي ري پوسٽ ڪيو، هن چيو ته مقبوليت هڪ الڳ ڳالهه آهي ۽ اليڪشن واري ڏينهن ميدان ۾ بيهڻ الڳ سائنس آهي،هن چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ کي پولنگ ايجنٽ نه پيا ملن،سوشل ميڊيا تي ته مشرف به مقبوليت جي دعويٰ ڪئي هئي، هو ان بنياد تي وطن واپس موٽيو پر ايئرپورٽ تي ته ماڻهو ئي نظر نه آيا،هن چيو ته قومي اخبارن ۾ وڏا اشتهار هليا آهن جنهن ۾ هيڊنگ لڳل آهي ته ”نوازشريف وزيراعظم“ پاڪستاني صحافت لاءِ انالله وانااليه راجعون،اخباري مالڪن کي رڳو نوٽ کپن، جنگ اخبار ۾ جيڪا اصل خبر لڳل آهي اها ته نظر ئي نه پئي اچي،تماشو ته ڏسو ڪنهن زماني ۾ نوازشريف جو ميڊيا ۾ نالو وٺڻ ڏوهه بڻيل هو جيئن اڄڪلهه عمران خان لاءِ آهي، هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هڪ موٽرسائيڪل تي والد سان گڏ ٻن معصوم ٻارن جي مٿي تي پي ٽي آءِ جهنڊي واري ٽوپي پاتل آهي ان شخص کي معصوم ٻارن آڏو پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻار روئي روئي پوليس عملدارن آڏو التجائون ڪندي نظر آيا، اسان جي رياست جو اهو ڪهڙو سلوڪ آهي، رياست انتقام وٺڻ ۾ بلڪل انڌي ٿي ويندي آهي پنهنجي ٻارن کي ٻارڻ ٿيڻ کان بچايو، اسان جي رياست سبق نٿي سکي،هن وقت رياست شديد ڪاوڙ ۾ آهي ان پنهنجي دماغ جي ڪا به ڪنڊ خوف خدا،صبر،حڪمت يا دانش لاءِ ناهي ڇڏي،اها ڪاوڙ ان ڪري آهي ته هڪ سياستدان سياست جي وڪيٽ ڇڏي ڪريز مان نڪري طاقت جي ميدان ۾ اچي پاڪستان جي طاقتور ماڻهن کي ڳچي مان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،جواب ملڻو آهي،جواب ملي به رهيو آهي،
”وزيراعظم نوازشريف“ واري اشتهار تي تنقيد ٿي رهي آهي: حامد مير
اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي منهنجي خيال ۾ پرنٽ ميڊيا ۾جنهنجنهن طريقي نوازشريف ڇانيل آهي، ان سان ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ ردعمل پيدا ٿي رهيو آهي، توهان(نوازليگ) اشتهارن لاءِ پئسا استعمال ڪري رهيا آهيو، ٽي وي تي تجزئي ۾ هن چيو ته چونڊن کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ جيڪڏهن توهان نواز شريف لاءِ اهو تاثر پکيڙيو ته ته هوئي پاڪستان جو وزيراعظم آهي، توهان هيڊلائنز جي جاءِ تي پنهنجو اشتهار لڳائي رهيا آهيو ان جو مطلب اهو آهي ته توهان کي به يقين نه آهي.شاهزيب خانزاده چيو ته نواز ليگ 2018ع ۾ مشڪلات باوجود سوا ڪروڙ ووٽ ورتا هئا، نوازشريف دير سان چونڊ مهم شروع ڪئي پر هو ماڻهو ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويو آهي
برطانوي اخبار نواز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
لنڊن(م ڊ) برطانوي اخبار ”دي گارجين“ ۽ ٿنڪ ٽينڪ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف چوٿون ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ وارو آهي، جيڪو پي ٽي آءِ جي باني کان بهتر وزيراعظم هوندو. برطانوي اخبار ”دي گارڊين“ سياسي تجزيه نگارن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف آمريڪا، چين ۽ ڀارت سان لاڳاپا بحال ڪري سگهي ٿو جيڪي پي ٽي آءِ جي باني جي دور ۾ خراب ٿي ويا هئا. دي گارجين موجب نواز شريف جا چونڊ مهم دوران اهم واعدا معيشت سان لاڳاپيل آهن.برطانوي ٿنڪ ٽينڪ رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽيٽيوٽ پنهنجي تجزيي ۾ چيو آهي ته نواز شريف هڪ ڪاروباري شخص آهي جيڪو مارڪيٽ ۽ پاڪستان جي قرض ڏيندڙن کي گڏ رکڻ جي ضرورت کي سمجهي ٿو.