بلاول عمران خان جي رستي تي هلڻ لڳو!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) بلاول عمران خان جي نقش قدم تي هلڻ لڳو،نوازشريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ڪرڻ جو شوق،سينئر صحافي عمر چيما چيو ته اڄ اخبار ڏٺم ته ان ۾ اشتهار لڳل هو ته ”نوازشريف وزيراعظم“امڪان آهن ته ايندڙ وزيراعظم نوازشريف ٿيندو،هو گهٽ ۾ گهٽ اهو چاهي ٿو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي رڪارڊ ٺاهي ،اڄ تائين ڪو هن جو ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجڻ وارو رڪارڊ به ناهي ٽوڙي سگهيو،اهو به  تاثر آهي ته نوازشريف ٿوري عرصي لاءِ وزيراعظم بڻجي اهو عهدو ننڍي ڀاءٌ شهبازشريف حوالي ڪري ڇڏي پر منهنجي خيال ۾ هڪ ڀيرو جيڪو وزيراعظم جي سيٽ تي ويهندو آهي ته اهو جلد اتان لهڻ نه چاهيندو،بلاول جي آواز ۾ جارحيت نظر اچي رهي آهي، هو عمران خان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي،ڇو ته 2013ع ۾ عمران خان چونڊن کانپوءِ ڌانڌلي خلاف تحريڪ هلائي هئي، بلاول به عمران خان وانگر چئي پيو ته ايترا ووٽ وجهو جو گرٻڙ ڪندڙ به گڙٻڙ نه ڪري سگهن،نواز ليگ به چاهيندي ته عمران خان جي جاءِ ڪو اچي وٺي،

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 07 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.