حيدرآباد ۾ پورهيت جي گهر جي ڇت ڪري پئي، 3 ڀائر دٻجي فوت، 2 ڀينرون زخمي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، پورهيت جي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ننڊ سُتل 3 ڀائر دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 2 ڀينرون زخمي ٿي پيون، هڪ نياڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، قاسم آباد جي علائقي وحدت ڪالوني ۾ پورهيت قاسم سومرو جي ڪمزور  ٿيل گهر جي هڪ ڪمري جي ڇت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ سُتل پورهيت جا 5 ٻارڙا 17 ورهين جو شيز، 11 ورهين جو ڪيف، 5 ورهين جو حمدان ۽ 2 معصوم نينگريون دٻجي ويون، جن مان شيز، ڪيف ۽ 5 ورهين جو هڪ معصوم ٻارڙو حمدان فوت ٿي ويا ۽ سندن 2 معصوم ڀينرون زخمي ٿي پيون، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي رضاڪارن ملبي هيٺيان زخمي ٻارڙن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن ٽنهي ڀائرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ زخمي ٻن معصوم ڀينرن کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو، جتي زخمي هڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس آئي سي يو منتقل ڪيو ويو آهي، فوتي معصوم ڀائرن جي لاشن کي گهر آندو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ماءُ ۽ پيءُ بيحال ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت قاسم سومرو اي سي، جنريٽر ٺاهڻ جو ڪم ڪندو آهي، سندس ٻن ڪمرن واري گهر جي هڪ ڪمري ۾ سندس ٻارڙا ستل هئا، فوتي ٻارڙن جي مامي آرٽسٽ محبوب ٿهيم جو چوڻ آهي ته فوتي ڀاڻيجن جي ڪوٽڙي جي ڏنل شاھه قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي، ڪمري جي ڇت آر سي سي بلاڪن جي ٺهيل هئي، جيڪا اوچتو ڪري پئي ۽ ڪمري ۾ ستل 5 ڀيڻ ڀائر دردناڪ حادثي جي ور چڙهي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.