پي ٽي آءِ جي حمايت واري لهر،حقيقت يا افسانو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جي حمايت واري لهر، حقيقت يا افسانو، اصل امتحان 8 فيبروري،ناليواري صحافي ۽  تجزئي نگار طلعت حسين چيو آهي ته گهڻا سروي سامهون اچي رهيا آهن، پارٽيون دعوائون ڪري رهيا آهن، اسان 14 هزار ڪلوميٽر  سفر ڪري 50 تڪن جي سروي ڪئي آهي ،20 ٻين تڪن تي اسان پاڻ نه وياسين پر پنهنجن نمائندن ذريعي فيڊ بيڪ ورتو آهي،هن چيو ته تاثر پيو ڏنو وڃي ته اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي لهر اٿندي ۽ جهنڊا ئي جهنڊا نظر ايندا،عمران خان گرفتار ٿيو ته مڪمل طور خاموشي هئي، جڏهن کيس سزائون آئي ته اها لهر نظر نه آئي، هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جي حوالي سان سختي آهي،جبر آهي، پر پي ٽي آءِ حامي اميدوار مهم هلائي رهيا آهن، عمران خان جي اپيلن تي به اسان کي اها لهر نظر نه آئي، ماڻهن سان ملو ته اهي عمران خان جي حق ۾ کلي ڳالهائي رهيا آهن، بازار اندر آواز سپورٽر جو آواز آهي، ووٽر جو ناهي، هن چيو ته بينظير جي شهادت واقعي کانپوءِ پ پ لاءِ وڏي همدردي جي لهر هئي پر اليڪشن ۾ ته ان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي،بازار جو آواز ووٽ جي صورت ۾ ترجمو نٿو ٿئي، پي ٽي آءِ جي قيادت ڇڙوڇڙ آهي، پارٽي جو سيڪريٽريٽ غيرفعال آهي، اڳواڻن ۾ رابطا سازي جو فقدان آهي،پارٽي جي ملڪ گير مهم نظر نٿي اچي،

پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب، ڪي پي ۾ اپ سيٽ ڪري سگهي ٿي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي نصرت جاويد چيو آهي ته رياست پاران حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن اليڪشن  ۾ تحريڪ انصاف کي هر صورت ۾ هارائڻو آهي، يقينن اها ڳالهه ميڊيا کي پسند نه ايندي پر اها هڪ حقيقت آهي،2018ع ۾ نواز ليگ کي ايئن چونڊون وڙهڻ کان نه روڪيو ويو هو، هن وقت پي ٽي آءِ جي حوالي سان رياست جو رويو جارحاڻو آهي، ان جو جواز 9 مئي واقعا آهن، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ به اميدوارن کي ايج ڏيکارڻ جي مجبوري لاحق ٿي ويندي، اهڙو سين ڏکڻ پنجاب ۾ به ممڪن آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار سٺي اڪثريت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا، هن چيو ته ڪراچي جي هڪ ٻن سيٽن کان علاوه پي ٽي آءِ ٻئي ڪٿي نظر نٿي اچي،پارٽي پاران سوشل ميڊيا تي ڀرپور مهم هلائي پئي وڃي، 8 فيبروري تي اهو ٽيسٽ ڪيس هوندو ته اها مهم ڪيترو اثر ڏيکاري ٿي،هن چيو ته منهنجو خيال هي 77ع وارو دور ناهي، نوجوانن کي روڪڻ ممڪن ناهي، سمورين مشڪلاتن باوجود پي ٽي آءِ حامي اميدوار سٺي انگ ۾ سيٽون ٻهاري سگهن ٿا،

عمران خان  جا اميدوار هٿ پير ٻڌي درياءَ ۾ ڇڏيا ويا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته عمران خان جي اميدوارن جا هٿ پير ٻڌي ڳري پٿر سان  لٽڪائي درياءَ ۾ تري ٻئي ڪناري تائين وڃڻ جو ٽارگيٽ آهي جڏهن ته نوازشريف جي اميدوارن کي لائف سيونگ جيڪٽ سميت ٻيڙي ۽ فضا ۾ هيليڪاپٽر جي سهولت به ڏني وئي ته جيئن ايمرجنسي ۾ ريسڪيو ڪري سگهجي،اها سهولت عمران خان کي 2018ع ۾ ڏني وئي هئي پر هن ڀيري نتيجو ڇا مختلف هوندو؟ جنهن دنگل جي توقع هئي اهو نظر نه پيو اچي،بلاول لاهور مان چونڊ وڙهي سياسي ماحول بڻائي ڇڏيو آهي

ووٽ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ملندا پر وزير اعظم نواز شريف ٿيندو: سروي

اسلام آباد (م ڊ ) اردو نيوز پاران ڪرايل سروي موجب 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ راءِ ڏيندڙن جي اڪثريت پاڪستان تحريڪ  انصاف کي ووٽ ڏيڻ چاهي ٿي پر سندن خيال ۾ نواز شريف ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم هوندو. سروي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي بدران جماعت اسلامي ٽئين پسنديده پارٽي طور سامهون آئي آهي. ووٽرن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته معاشي بحالي نئين حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو هوندو جڏهن ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ امن امان جي صورتحال ٻيا وڏا چئلينجز هوندا. ووٽرن ۾ 33.7 سيڪڙو تحريڪ انصاف، 23 سيڪڙو مسلم ليگ (ن)، 21.6 سيڪڙو جماعت اسلامي ۽ 5.6 سيڪڙو پيپلز پارٽي جي حق ۾فيصلو ڏنو. اهڙي طرح 4.4 سيڪڙو ماڻهن جمعيت علماءِ اسلام فضل الرحمان (جي يو آءِ ف) کي چونڊيو جڏهن ته 4 سيڪڙو حڪومت لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) کي چونڊيو، جڏهن ته 3.2 سيڪڙو ووٽرن ڪنهن به پارٽي جي چونڊ نه ڪئي. اردو نيوز جي سروي ۾ 7159 ماڻهن حصو ورتو، جنهن ۾ 37.7 سيڪڙو پنجاب، 26.8 سيڪڙو سنڌ، 23.4 سيڪڙو خيبرپختونخواهه، 8.3 سيڪڙو بلوچستان ۽ 3.8 سيڪڙو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.