عمران خان جا اميدوار هٿ پير ٻڌي درياءَ ۾ ڇڏيا ويا!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته عمران خان جي اميدوارن جا هٿ پير ٻڌي ڳري پٿر سان  لٽڪائي درياءَ ۾ تري ٻئي ڪناري تائين وڃڻ جو ٽارگيٽ آهي جڏهن ته نوازشريف جي اميدوارن کي لائف سيونگ جيڪٽ سميت ٻيڙي ۽ فضا ۾ هيليڪاپٽر جي سهولت به ڏني وئي ته جيئن ايمرجنسي ۾ ريسڪيو ڪري سگهجي،اها سهولت عمران خان کي 2018ع ۾ ڏني وئي هئي پر هن ڀيري نتيجو ڇا مختلف هوندو؟ جنهن دنگل جي توقع هئي اهو نظر نه پيو اچي،بلاول لاهور مان چونڊ وڙهي سياسي ماحول بڻائي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 07 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.