ملڪ ۾8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن واري عوامي رابطا مهم، جلسا، جلوس ۽ ملڪ جي اخبارن ۽ ميڊيا جي مختلف ذريعن ذريعي هر قسم جي اشتهارن ۽ ٽي وي چينلن تي هلندڙ اشتهاري مهمون ڪالهه پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ويون آهن.هنن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي جماعتن جي قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي سيٽن لاءِ بيٺل هزارين پارٽي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن جي قسمت جا فيصلا ٿيڻ وارو ڏينهن 8 فيبروري آخرڪار ويجهو اچي پهتو آهي ۽ سڀاڻي عوام ۽ ملڪ جي ڪروڙين عوام جي هٿان سمورين سياسي جماعتن ۽ سمورن اميدوارن جي قسمت جا فيصلا ٿيڻا آهن.
ملڪ ۾ ايندڙ وفاقي حڪومت ڪهڙي سياسي جماعت يا اتحادي ڌرين جي قائم ٿيندي ان بابت اڃا تائين صورتحال واضح ناهي گهٽ ۾ گهٽ ٻه وڏيون وفاقي جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پنهنجيون وفاق ۽صوبن ۾حڪومتون قائم ٿيڻ جون ضرور دعويدار آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿيڻ جا واضح نموني آثار ۽ شاهديون نظر اچي رهيون آهن جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز جي سرسي ۽ حڪومت ٺهڻ جا گهڻا امڪان آهن. خيبرپختونخواه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ جي اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته وفاق يا قومي اسيمبلي ۾ ٻنهي وڌين جماعت کي ٿوري گهڻي فرق سان سيٽن جي مجموعي تعداد جي انهن ۾ ورهائجن جا گهڻا امڪان آهن.
مسلم ليگ نواز جي نظر ۽ وڌ ۾ وڌ توجهه پنجاب مان قومي اسيمبلي جي 141 سيٽن جو وڏو حصو کٽڻ لاءِ زور آزمائي ڪئي پئي وڃي ۽ هنن کي پنجاب جي اڪثريت ملڻ کان علاوه پر اتي سندس مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي واري پراڻي طوفان جو وري پنجاب ۾ مٿي چڙهڻ ۽ پارٽي جي جوشيلي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف جي آزاد اميدوارن سان آهي. مسلم ليگ ن جي قيادت ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جي چوڻ موجب پنجاب مان قومي اسيمبلي 141 سيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ 100 سيٽون کٽڻ ۽ خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان مان وڌيڪ 20 سيٽون حاصل ٿيڻ جي اميد ڏيکاري پئي وڃي. اهڙي ريت، مسلم ليگ ن جي قيادت طرفان مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جون 120سيٽون حاصل ٿيڻ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت ٺاهڻ جي اميد ڏيکاري پئي وڃي. جڏهن ته، وفاق ۾ پنهنجن اتحادين کي ملائي حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي، پاڪستان پيپلز پارتي پڻ ساڳي ريت وفاق ۾ پنهنجي حڪومت ٺهڻ لاءِ پراميد آهي ۽ ان کان علاوه ٽن صوبن سنڌ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت ٺهڻ لاءِ پراميد آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موجب، مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جون 120 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ٿيڻ يا سادي اڪثريت حاصل ٿيڻ واري اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پڻ آساني سان پيپلز پارٽي جون حڪومتون ٺاهڻ بابت اعتماد ظاهر ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي سياست جي هن نئين رخ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي پراڻي عوامي نعري طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ ان سان گڏ مسلم ليگ نواز واري ڇڏيل نعري ووٽ کي عزت ڏيو وارا ٻئي نظرياتي ۽ فڪري جهنڊا هڪ ئي وقت ۾ پنهنجي هٿن ۾ کڻي جهڙي ريت احتجاجي چونڊ مهم هلائي وئي آهي ان کي سموري ملڪ ۾ نظر ايندڙ مقبوليت ملي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي سياست ۽ چونڊ مهم جي نتيجن ۾ وڏي اٿل پٿل جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي
ملڪ جي قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي سمورن تڪن تي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پڌرائي موجب سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ليڪشن ڪميشن جي گهرائڻ تي سيڪيورٽي جي ادارن طرفان گهربل انتظام پڻ مڪمل ڪيا پيا وڃن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ جي جمهوري نظام جي بهتري ۽ عوامي ادارن جي مضبوطي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هي چونڊون تمام اهم ۽ بنيادي اهميت رکن ٿيون. يقينن هنن چونڊن ذريعي عوام کي پنهنجي ملڪ پنهنجي موجوده حالت ۽ صورتحال کي سڌارڻ ۽ پنهنجي مستقبل جي بهتري ۽ پنهنجي اولاد ۽ نسلن جي بهتري لاءِ هرووٽرکي پنهنجي خاندان ۽ گهر ڀاتين سان گڏجي هر صورت ۾ وقت سر پنهنجي پولنگ اسٽيشنن تي پهچي پنهنجي ووٽن جو حق درست نموني استعمال ڪرڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. عوام ۽ ووٽرن کي ملڪ ۾ پنهنجي پسند جي وفاقي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ صوبن ۾ صوبائي حڪومتون چونڊڻ لاءِ پنهنجي پسند جي جماعت ۽ انهن جي اميدوارن جي چونڊ نشان تي مهر هڻي ملڪ ۽ صوبي جي بهتري ۾ بردباري ۽ همت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
مختلف دورن دوران قبضو ڪندڙ آمرن ۽ ملڪ تي لاڳو ڪندڙ پنهنجين آمريتن ۽ اڻ چونڊيل حڪومتن جي حڪمراني يقينن بنيادي سبب بڻيا آهن. هڪ ڀيرو وري ملڪ جي عوام کي اهو موقعو ملي رهيو آهي ته هو پنهنجي ووٽ جي حق جو درست استعمال ڪري پنهنجي پسند جي جمهوري جماعت ۽ اميدوارن کي چونڊڻ ۽ عوامي حڪومت قائم ڪرڻ واري بهترين موقعي جو بهترين استعمال ڪن ۽ چونڊن ۾ شريڪ سياسي ڌرين ۽ انهن جي پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾ ووٽ ڏيڻ، ووٽن جي ڳڻپ ڪرڻ وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن چونڊن جا درست نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
عام چونڊن واري عمل جي شروع ٿيڻ بعد سمورين ڌرين طرفان هلايل پنهنجي عوامي رابطا مهم، جلسن، جلوسن ۽ اشتهاري مهمن ذريعي هر ڌر ۽ انهن جي اميدوارن طرفان ڀرپور نموني پنهنجي قسمت آزمائي ضرور ڪئي ويئي آهي ۽ سڀاڻي انهن مهمن جا نتيجا اسان جي سامهون اچڻا آهن. ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي وچ ۾ ٿيندڙ چونڊ مهم ۾ هن وقت سڀ کان وڏيون ٻه سياسي ڌريون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز وچ ۾ وڏي پيماني تي مقابلا ٿي رهيا آهن ۽ اهي ٻئي ڌريون ملڪ مان وڌ ۾ وڌ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. جڏهن ته انهن کان علاوه ٻين سياسي جماعتن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي وڏي تعداد هڪ پارٽي ۽ هڪ نشان واري سڃاڻپ نه ملڻ ڪري پنهنجي آزاد حيثيت ۾ ڌار ڌار نشانن تي چونڊون وڙهي رهيا آهن ۽ باقي باغي اليڪٽيبلز پنهنجن گروپن جو ڌار ڌار جماعتون ٺاهي چونڊن واري ميدان ۾ لٿل آهن.
ملڪ گير ٻين جماعتن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، جميعت علماءِ اسلام (فضل الرحمان گروپ)، جماعت اسلامي ۽ صوبن ۾ عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ (ق)، نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل موومينٽ (مينگل)، بلوچستان عوامي پارٽي، سنڌ جي صوبائي جماعتن ۾ عوامي تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، يونائيٽيڊ پارٽي نمايان آهن. هن هلندڙ چونڊ مهم ۾ سمورين جماعتن ۽ ڌرين کي پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ جا ڀرپور موقعا مليا آهن ۽ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عوام ۾ ڪنهن کي ڪيتري مقبوليت ۽ مڃتا حاصل ٿي آهي.