گڊو (عوامي آواز نيوز) گڊو ويجهو واڙي مان چوري دوران مزاحمت تي ڀاڳيو قتل ٿي ويو، گڊو ويجهو مينهن جي واڙي مان چوري دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ ڀاڳيو مارجي ويو،جڏهن ته پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ڳوٺ عبدالباقي کوسو ۾ 12 کان وڌيڪ هٿياربندن ذاڪر شيخ جي مينهن جي واڙي مان مينهون ڪڍيون ته ڳوٺاڻا پهچي ويا، هٿياربندن ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار اويس کوسو ۽ غلام فريد سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان غلام فريد ساوند زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، هٿياربندن 5 مينهون ڪاهي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.