حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي اميدوار اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ پونم پمپ کان سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اديب دانشور ايڊووڪيٽ شھاب اوستو، انعام شيخ، صحافي امداد سومرو، اظھار سومرو، ڪاشف صديقي، جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا اعظم جھانگيري سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ريلي جي وک وک تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيا ويا. ريلي پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن قاسم چوڪ، سينٽر جيل ھٽڙي باءِ پاس،نيوسٽي، گيلو نوناري، واڻڪي وسي، مسو ڀرڳڙي ،طالب المولا ڪالوني، مسو ڇلگري، ھٽڙي، درياھ بيگ، مغل، باگراڻي ڳوٺ، ھنڊاپيلس، ماري ٽائون ،ڀٽائي ٽائون، گلستان سجاد، سٽيزن ڪالوني، علمدار چوڪ، نسيم نگر، واڌو واھ گيٽ، علي پيلس روڊ، سحرش نگر، پٺاڻ ڳوٺ ،گدو چوڪ، وحدت ڪالوني، سئي گيس آفيس کان ٿيندي پڪوڙا چوڪ قاسم آباد جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي، اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ڄام خان شورو، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جو سج لھي ويندو، ھاڻ پي ايس 60 تڪ قاسم آباد سميت سنڌ جو ست ڪروڙ عوام تبديلي چاھي ٿو. 2013 ۽ 2018 جي اليڪشن ۾ قاسم آباد جي عوام جي مينڊيٽ تي پيپلزپارٽي ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان اسان جا نتيجا تبديل ڪيا، ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نه ڏني ويندي، 8 فيبروري تي ڪامياب ٿي سڄي سنڌ ۾ جشن ملھائينداسين ۽ امن، انصاف، برابري، تعليم ۽ صحت لاءِ ڪم ڪنداسين، نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار ڏنو ويندو، زراعت کي بحال ڪري بک، بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين.