ڪراچي کان ڪشمور تائين تباهي آهي، عوام هڏڏوکين کي ڪامياب ڪري: ساڃاهه وند

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو ) سنڌ جي ساڃاھ وند، اديبن ، قلمڪارن ، دانشور شهاب اوستو ، انعام شيخ، اظهار سومرو، نور احمد ميمڻ، وقاص کوسو، امداد سومرو، حيدر ملاح ۽ ٻين سنڌ کي تباهي کان بچائڻ،  ترقي خوشحالي لاءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجي تقدير جو ووٽ ذريعي فيصلو ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته سنڌ غلط حڪمراني جي ڪري پنهنجي پيداواري قدرتي وسيلن کان مالا مال هجڻ باوجود ترقي جي نالي ۾ تباهي جي ور چڙهيل آهي، سنڌ جا ٻيٽ ، وستيون ، جبل ، تيل ، گئس ، ڪوئلي، سمنڊ دريا جي باوجود جديد دور ۾ سنڌ جو عوام اٽي لٽي اجهي لاءِ پريشان آهي، سنڌ جي عوام کان ڀوتارڪي نظام جي ذريعي ماضي ۾ حڪمرانن ووٽ وٺي سندن ووٽن سان ويساھ گهاتي ڪئي آهي، سنڌ جي شهرن وسندين ڳوٺن کي ڪراچي کان ڪشمور تائين تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا روڊ رستا صحت جا مرڪز ، تعليمي ادارا ، ڊرينيج جو نظام ، واٽر سپلاءِ جو نظام تباھ برباد ڪري ڪرپشن جي نالي ۾ لٽ مار ڪئي آهي ، جنهن جو ڪو به احتساب ٿي نه سگهيو ، سنڌ جي عوام کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي سنڌ ڪارڊ جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي، عام چونڊن ۾ سنڌ جي عوام کي سنڌ جي هڏڏوکين هر محاذ تي عملي طور اڳتي وڌي جدوجهد ڪندڙ سنڌ پرست قومي قيادت اڳواڻن مزاحمتي قومي جدوجهد جي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ، سيد زين شاھ ، ڊاڪٽر احمد نوناري، امير حسن پنهور، سنڌو نواز گهانگهرو ، استاد لياقت ميراڻي ۽ ٻين کي چونڊ مرحلي ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري اسيمبلين تائين سنڌ جو آواز ڏيارڻ لاءِ ڪامياب ڪرڻو پوندو، سنڌ جي اديبن ، قلمڪارن ، دانشورن سڄي سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين چونڊن جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.