لاڙڪاڻو (س ر) لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي طرفان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پاور شو، آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اڳواڻي ۾ شاندار جلسو، چونڊ جلسي ۾ آصفه ڀٽو زرداري، ليڊيز ونگ صدر فريال ٽالپر، پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال، طارق انور سيال، نظير احمد ٻگهيو، عادل الطاف انڙ، رميش لال، ندا کهڙو، روبينه قائمخاني ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته توهان جو بنيادي حق صحت آهي، امير هجي يا غريب سڀني کي معياري علاج ملڻ گهرجي، آصفه ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته رڳو پ پ غريب، مظلوم ۽ ضرورتمند کي پنهنجو مڃي ٿي، ماڻهن جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن. هن چيو ته ٻوڏ دوران بلاول توهان سان گڏ هو، کيس حڪومت ملي ته غريبن کي گهر ٺهرائي ڏيندو، 5 سالن ۾ پگهار ٻيڻي ڪندو، 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏيندو. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو توهان لاءِ ڪم ڪندو ۽ وڙهندو، باقي ماڻهو ڪرسي جي لالچ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، پ پ توهان لاءِ سياست ڪري رهي آهي، اسان توهان جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو.