گڏاپ ۾ پ پ جي چونڊ ريلي، عوام جون محبتون وسارڻ جوڳيون ناهن: يوسف بلوچ

گڏاپ(رپورٽ:ممتاز شيخ) گڏاپ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ۾ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي سياسي سماجي اڳواڻن پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار اين اي 229 جي ڄام  عبدالڪريم جوکيو پي ايس 84 جي اميدوار محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ جي اڳواڻي ۾ 25 ڪلوميٽر سفر ڪري سپر هاءِ وي کان ريلي نڪتي گڏاپ ۾ جلسو پڻ ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اين اي 229 جي اميدوار ڄام عبدالڪريم پي ايس 84 جي اميدوار محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ چيو ته گڏاپ جي ماڻهن هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي هتان جي عوام جون محبتون وسارڻ جهڙيون ناهن هنن چيو ته ريلي کي ڏسي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پ پ 8 فيبروري تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ملڪ جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو،هنن چيو ته  اسان جي ريلي ڏسي مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهن عوام کي اپيل آهي ته 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري ان موقعي تي سردار قادر بخش گبول انور بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.