جان اچڪزئي ماهه رنگ بلوچ کي ”را“ ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وقتي سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته مڇ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لکت ۾ اعتراف ڪيو آهي ته مڇ ۾ سڪيورٽي فورسز هٿان مارجي ويل بي ايل ايف جا ميمبر هئا،  تخريبڪاري جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا،هن چيو ته سڄي دنيا ۾ تخريبڪارن جا لاش وارثن جي حوالي ناهن ڪيا ويندا پر رياست پنهنجي ويڙهاڪ ٻارن جو به خيال رکي ٿي، وارثن يقين ڏياريو آهي ته سندس جنازي نماز ۾ ڪوبه تخريبڪار شرڪت نه ڪندو، سندن خوني راند سندن ڀارتي آقائن جي سازشن جي ڄار کي بي نقاب ڪري پوري دنيا جي علم ۾ اچي چڪي آهي،ماهه رنگ هن گندي راند جي ماسٽر مائينڊ، پنهنجي شرم لڪائڻ لاءِ عدالت کان مٿانهن قتلن جا الزام هڻي رهي آهي، ماهه رنگ بلوچ تربت ڌرڻي کان پهرين دبئي ڇو وئي هئي؟ هوءَ اتان ”را“ جي ايجنٽن کان ڪهڙيون هدايتون وٺي آئي هئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.