چونڊن کان اڳ واضح ڌانڌلي، آمريڪا جي خاموشي حيران ڪندڙ

واشنگٽن(م ڊ) مشهور آمريڪي هفتيوار رسالي ”ٽائم“ پنهنجي هڪ خاص مضمون ۾ لکيو آهي ته پاڪستان جي عام چونڊن ۾ کليل ۽ واضح ڌانڌلي ٿي رهي آهي پر آمريڪا حيران ڪندڙ حد تائين خاموش ۽ لاتعلق آهي،رسالو لکي ٿو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عدالتي ڪارروائي بند ڪمري ۾ ٿي. عوام يا ميڊيا مان ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. عمران جي قانوني ٽيم کي به روڪيو ويو ۽ جج عمران خان جي مدد لاءِ ٻه سرڪاري وڪيل مقرر ڪيا. اهو  سڀ ڪجهه سمجھ کان ٻاهر نه آهي.عمران خان تي 180 الزامن تحت ڪيس هلايا ويا. ڄڻ ته ملڪ جي مقبول ترين ليڊر جي اقتدار ۾ واپسي جو رستو مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري، اڳواڻن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ، بيٽ جا نشان ضبط ڪرڻ کانسواءِ مخالفن لاءِ ميدان کليل ڇڏڻ ڇا آهي؟هيومن رائيٽس واچ ۾ ايشيائي معاملن جي ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر پيٽريشيا گزمين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪنهن به حوالي سان شفاف ٿينديون نظر نٿيون اچن. ان جي باوجود آمريڪا دلچسپي نٿو رکي. اهو ڏاڍو عجيب آهي. عمران خان کي ڏنل سزائن تي آمريڪي قيادت مڪمل طور تي خاموش آهي.رسالو وڌيڪ لکي ٿو ته عمران جا ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن سان لاڳاپا نه ٺهي سگهيا، ان پاليسيءَ سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ آئي. عمران خان پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو الزام آمريڪا تي لڳايو، جنهن سان معاملو خراب ٿي ويو.عمران خان به ڀارت سان دشمني وارو رويو برقرار رکيو. هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي نسل پرست ۽ هندو بالادست قرار ڏنو. عمران خان جي پاليسي لڳ ڀڳ ڪشمير تي هڪ ٻي جنگ جو رستو هموار ڪري ڇڏيو هو،عمران خان دور ۾ روس ۽ چين سان لاڳاپا تمام گهڻو وڌيا آهن ۽ روس ڏانهن غير معمولي جهڪاءُ به ڏسڻ ۾ آيو.بظاهر آمريڪا عمران خان کي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش بابت ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اقتدار دراصل فوج جي هٿ ۾ آهي. اها ڪنگ ميڪر آهي. اهو ئي سبب آهي جو جوبائيڊن صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ عمران خان کي فون ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ سڌو سنئون پاڪستاني آرمي چيف سان رابطو ڪيو.آرمي چيف جي مقرري تي عمران خان جي رويي به کيس فوج لاءِ وڌيڪ ناقابل قبول بڻائي ڇڏيو.

سياسي جبر،فوج جي جانبداري،چونڊن بابت خدشا وڌي ويا:آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي چونڊ رپورٽن ۾ پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ پارلياماني چونڊن کان اڳ ملڪ جي سياسي منظر نامي کي تمام پيچيده قرار ڏنو آهي.ٿنڪ ٽينڪ جو چوڻ آهي ته سياسي جبر، ويڙهاڪ ڌمڪيون ۽ فوجي اثر جمهوري عمل کي خراب ڪري رهيا آهن، چونڊن جي شفافيت ۽ پاڪستان جي جمهوري مستقبل تي ان جي امڪاني اثرن بابت سوال اٿي ويا آهن.نواز شريف خلاف ڪيسن ۾ قانوني تعطل سان  اڳوڻي وزيراعظم  جي باري ۾ فوج جي مبينا جانبداري اليڪشن هيراڦيري جي شڪ شبهن کي جنم ڏئي ٿي،جنهن سان  ايندڙ چونڊن جي شفافيت بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.آمريڪا سميت عالمي برادري ان طرح جي اڳڀرائي تي گهري نظر رکي ٿي، جڏهن ته اليڪشن عمل جي شفافيت تي سواليه نشان لڳل آهن.نيويارڪ ۾ قائم هيومن رائيٽس واچ (HRW) هڪ ٻي خوفناڪ صورتحال ڏانهن اشارو ڪندي چيو آهي ته حڪومتي دٻاءُ ۽ ميڊيا تي حملن صحافين ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن ۾ خوف جي فضا پيدا ڪئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو سيلف سينسر شپ جو رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور آهن.

پي ٽي آءِ کي ٻاهر ڪرڻ تي پاڪستان خلاف پابندين لاءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ مهم

واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ آواز اٿاريندي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ الهان عمر چيو ته مون ۽ منهنجي ساٿين گذريل نومبر ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو، پاڪستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن، هن پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو کڻڻ بنا پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته جڏهن اپوزيشن جي هڪ جماعت کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هجي ته آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، واضح رهي ته الهان عمر گذريل سال اسلام آباد جي دوري تي آئي هئي، جيڪو نئين حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي قانون ساز جو پهريون پاڪستاني دورو هو پر ان دوران هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي، جنهن تي ڪيترائي سوال اٿيا هئا. اها ملاقات ان ڪري به تڪرار ٿيو، ڇو ته عمران خان پنهنجي برطرفي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو هو. اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ان ملاقات بابت ٻڌايو هو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا ۽ لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پي ٽي آءِ ووٽر نڪتا ته ن ليگ کي اڪثريت ملڻ جا اندازا غلط نڪرندا: سهيل وڙائچ

لاهور(م ڊ) سينيئر صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي ته پاڪستاني ادارن جي اندازن موجب مسلم ليگ ن حڪومت ٺاهيندي، مسلم ليگ ن کي 100 کان 110 سيٽون ملنديون. جيو نيوز جي اليڪشن جي خصوصي نشريات تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سهيل وڑائچ چيو ته ٻه ڳالهيون اهڙيون آهن جو اڃا تائين ڪا به معتبر سروي سامهون ناهي آئي. هنن کي ڪجهه اندازو آهي، هو ڏسي رهيا آهن ته مسلم  ليگ (ن) جي قيادت ٿيندي، ن ليگ 100 کان 110 سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي، اهو سڀ ڪجهه آهي، پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو 60 سيڪڙو ووٽر نڪري آيو ته اهو اندازو غلط ثابت ٿيندو. ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان پ پ پ جي پڻ ويڙھه رھي آھي، ۽ ان ويڙھه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو ڦاھي چڙھيو ويو ھو، پر پ پ پ جيڪو مفاھمت وارو رستو اختيار ڪيو ھو، ان تي اڄ به عمل پيرا آھي ۽ عمران خان جي بچڻ جو واحد دڳ پڻ اھوئي آھي، ڇا ڪاڻ ته پاڪستان اھو ملڪ ناھي، جتي ڪو سياسي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کان سواءِ وزير اعظم ٿئي. ھتي مقبوليت سان گڏ قبوليت پڻ ھجي ٿي ۽ ان جو مثال ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو آھي. سينئير صحافي ۽ ڪالم نگار سھيل وڙائچ ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته شروع ۾ نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور حمايت  حاصل رھندي پر آھستي آھستي روين ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي، ڇا ڪاڻ ته دوا جو وافر مقدار مريض جي موت جو سبب پڻ بڻجندو آھي ۽ نواز شريف انھن ماڻھن سان اتحاد ڪري اقتدار ڏانھن وڌي رھيو آھي، جن سان ساڻس ڪيئي شڪايتون پڻ آھن.  سھيل وڙائچ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته جيڪڏھن مشرف اڪبر بگٽي کي قتل ڪرڻ جي بدران ساڻس ڳالھيون ڪري ھا ته اڄ ملڪ جون حالتون مختلف ھجن ھا. مشھور صحافي ۽ تجزئي نگار گوھر بٽ چيو ته جيتوڻيڪ نواز شريف سان ماضي ۾ ڪيل زيادتي جو ازالو ڪيو ويو آھي ۽ مٿس داخل ڪيل سمورا ڪيس خارج پڻ ڪيا ويا آھن پر ان پنھنجا پراڻا ڦٽ ناھن وساريا، جيڪو اقتدار ۾ ايندي ئي پي ٽي آءِ جي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. نواز شريف ملڪ جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي بدران انتقامي ڪارروايون ڪندو رھندو،  جنھن سبب ملڪ موجوده بحران مان ٻاھر نڪري نه سگھندو ۽ پي ٽي آءِ لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ٿينديون. گوھر بٽ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ پ پ پ جڏھن به اقتدار ۾ آئي آھي ته ان سياسي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي جيلن مان آزاد ڪري ڇڏيو، پ پ پ جي گذريل سڄي دور ۾ ڪنھن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ٿي ھئي، ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي بلاول جي ڳالھه سمجھڻ گھرجي، ان ۾ ئي سندن ڀلائي ۽ سياسي بقا آھي.

وڌيڪ سيٽون کٽڻ جو امڪان،پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ڏيڍ سال تائين عمران خان کي ڪوبه رليف نه ملندو،چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کڻڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي ھنئي ويندي، جنھن سبب سندن مينڊيٽ خود بخود ختم ٿي ويندو، ايندڙ ڏيڍ سالن تائين عمران خان کي ڪوبه رليف نه ملندو، جيستائين ھو پاڻ ڳالھين ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جا شرط مڃڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي، انھن شرطن ۾ ھڪ شرط اھو به ھوندو ته  عمران خان کي مستقل خاموشي اختيار ڪري بني گالا ۾ ئي رھڻو پوندو، جيڪو ڪابه سياسي سرگرمي ڪري نه سگھندو، ايستائين جو بيان ڏيڻ جي به کيس اجازت نه ھوندي.ملڪ جي ناليواري صحافي ۽ اينڪرپرسن اسد علي طور پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ ايندڙ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ملٽري ڪورٽ پنھنجا محفوظ ڪيل ٻڌائيندي ۽ پي ٽي آءِ کي ملڪ دشمن قرار ڏئي مٿس پابندي ھنئي ويندي، جنھن سبب سندن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي پڻ جيلن ۾ وڌو ويندو. اسد علي طور وڌيڪ اھو به چيو ته عمران خان تي 9 مئي واري واقعي جون ڪيتريون ئي ايف آءِ آرون ڪٽيل آھن ۽ انھن ڪيسن جا فيصلا محفوظ ڪيل آھن، جيڪي چونڊن کان پوءِ ٻڌايان ويندا،  انھن ڪيسن ۾ پي ٽي  آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ واعدي معاف گواھه ٿيڻ لاءِ تيار آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.